ٽنڊوڄام/نصير آباد(نمائندا)  وٽرنري سائنسز ۾ عالمي شهرت رکندڙ سنڌ زرعي يونيورسٽي جو گريجوئيٽ ڊاڪٽر عنايت الله ڪاٺيو امريڪا ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، زرعي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پاران ڏک جو اظهار،رپورٽ موجب سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جو گريجوئيٽ سنڌ ڄائو ۽ آمريڪا ۾ مقيم وٽرينري جو عالمي ماهر ڊاڪٽر عنايت الله ڪاٺيو، آمريڪا ۾ دل جي بيماري سبب 69 سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو آهي، مليل ڄاڻ موجب ڊاڪٽر ڪاٺيو 8 سيپٽمبر 1953 تي ضلعي لاڙڪاڻي جي شهر نصيرآباد ۾ جنم ورتو، 1978 ۾ هن زرعي يونيورسٽي جي فيڪلٽي آف اينيمل هسبنڊري اينڊ وٽرينري سائنسز مان ڊي وي ايم جي ڊگري مڪمل ڪئي، ۽ 1981 ۾ فيلوشپ لاءِ جارج ٽائون يونيورسٽي واشنگٽن لاءِ آمريڪا روانو ٿيو، جتي ڪولمبيا مسوري، ۽ آئيوا يونيورسٽي ۾آمريڪا ۾ پي ايڇ ڊي ۽ پوسٽ ڊاڪٽوريٽ  ڪئي، پنهنجي ڪيرئير دوران هن سنڌ حڪومت ۾ بطور وٽرينرين ، ايف اي او ۾ ريسرچ آفيسر ۽ گڏيل قومن جي ترقياتي پروگرام ۾ ڪنسلسٽنٽ طور خدمتون انجام ڏنيون، ٻئي طرف سنڌ زرعي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح مري، ڊاڪٽر عنايت الله ڪاٺيو جي لاڏاڻي کي وٽرينري دنيا لاءِ وڏو نقصان قرار ڏيندي چيو ته ڊاڪٽر ڪاٺيو آمريڪا ۾ هوندي به سنڌ سميت ملڪ جي لاءِ وڏيون خدمتون انجام ڏيندو رهيو، هن سڄي عمر ۾ سنڌ زرعي يونيورسٽي جي گريجوئيٽس کي نه وساريو ۽ لڳاتار شاگردن کي وٽرينري بابت جديد ٽيڪنالوجي توڙي ليبارٽري ۽ سرجري جو ڪم سيکارڻ لاءِ ايندو رهيو، هن چيو ته ڊاڪٽر ڪاٺيو آمريڪا ۾ به ملڪ جي لاءِ اهم ڪارناما انجام ڏنا، آمريڪا جي مختلف ادارن ۾ جانورن جي ڀلائي ۽ ترقي واري  وارن منصوبن ۾ خدمتون انجام ڏيندو هو، هو هڪ قابل وٽرينري ماهر هو، جنهن جي دنيا متعرف هئي، سندس لاڏاڻي تي سندس پوئنيرن سان تعزيت ڪندي چيو ته ڊاڪٽر ڪاٺيو جي لاڏاڻي بعد سندس ڪمي وڏي وقت تائين محسوس ٿيندي رهندي.