جيڪب آباد (رپورٽر) بلوچستان جي ڪڇي جي ٿاڻي ۾ ڦر ۽ موتمار ڌمڪين ڪيس ۾ مفرور ڄاڻايل ٻن جوابدارن  اعجاز سومرو ۽ احمد علي سومرو کي فريادي غلام شبير جکراڻي سول لائن پوليس ھٿان گرفتار ڪرايو. پوليس پاران جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ وقت جا فوٽيج ٽائيم نيوز پاران ھٿ ڪيا آهن.  جنهن ۾ ڏٺو وڃي ٿو ته سول لائن ٿاڻي جا پوليس اهلڪار ٻنهي جوابدارن کي گرفتار ڪري موٽر سائيڪل تي کڻي ويا. پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي گرفتار ٿيل جوابدارن کي سول لائن ٿاڻي منتقل ڪيو ويو جتي بلوچستان جي پوليس جوابدارن کي کڻي وڃڻ لاءِ پھتي ته ان کان اڳ سول لائن پوليس ٻنهي جوابدارن کي ڏيتي ليتي بعد آزاد ڪري ڇڏيو، ڪيس جي فريادي غلام شبير جکراڻي جو چوڻ هو ته موٽر سائيڪل ڦر ۽ موتمار ڌمڪين جي ڪيس ۾ بلوچستان جي ٿاڻي تي ٻئي جوابدار مفرور آهن انهن کي جيڪب آباد پوليس ھٿان گرفتار ڪرايو ويو جڏهن بلوچستان جي پوليس انھن کي کڻڻ لاءِ پھتي ته سول لائن پوليس جوابدارن سان ڏيتي ليتي ڪري آزاد ڪري ڇڏيو آهي ھن چيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جا فوٽيج به منظر عام تي اچي ويا آهن.  ان سلسلي ۾ سول لائن ٿاڻي جي ننڍي منشي رابطو ڪرڻ تي ٻنهي ڄڻن جي گرفتاري جي تصديق ڪندي چيو آهي ته ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو هو پر ايس ايس پي جي حڪم تي ٻنهي کي آزاد ڪيو ويو آهي