نوري آباد (ن پ ا) جھمپير روڊ لڳ گهوگهڙو پير وٽ  ويگو گاڏي ڊمپر پويان ٽڪرائجي وئي، نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت  ۽ ٻه زخمي ٿي پيا. ان ڏس ۾ جهمپير لڳ گهوگهڙو پير وٽ بيٺل ڊمپر پويان تيز رفتار ويڳو جو ٽڪر ٽڪر جي  نتيجي ۾ ويگو گاڏيءَ ۾ سوار ھڪ ڄڻو فوت جڏھن ته ٻه ڄڻا زخمي ٿي پيا،زخمين  ۾  احمد خٽڪ ۽ رحمت الله خٽڪ شامل آھن جڏھن ته فوتي شخص جي سڃاڻپ غلام مصطفي طور ٿي آھي،زخمين  کي نوري آباد ٽراما سينٽر منتقل ڪيو ويو جڏھن ته فوتي جو مڙھ جھمپير ٿاڻي موڪليو ويو آھي جتان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويندو،