جوهي  (ن پ ا) جوهي ويجھو ڀِت ڪرڻ سبب معصوم نينگري دٻجي فوت ٿي وئي آهي. ان ڏس ۾ جوهي لڳ ڳوٺ ٻاجهي خان لغاري ۾ 7 ورهين جي معصوم نينگري افشان ڌي نويد لغاري گهر اندر راند کيڏي رهي هئي ته اوچتو  ڀت مٿان ڪرڻ سبب دٻجي زخمي ٿيڻ سبب بيهوش ٿي وئي، وارث کيس تعلقي اسپتال جوهي کڻائي آيا، جتي ڊيوٽي ڊاڪٽرن موت جي تصديق ڪئي.ٻارڙي جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، جڏهن ته سڄي ڳوٺ ۾ سوڳ ڇانئجي ويو.