ڪنب (ن پ ا) ڪنب لڳ ڳوٺ لهڻو خان کوکر ۾ ٻن جوابدارن پاران 7 ورهين جي نينگر ڪامران ولد عيدن کوکر سان مبينا طور بدفعلي جي ڪوشش ڪئي، نينگر جي رڙين تي سندس ڏاڏي پهچڻ تي جوابدار فرار ٿي ويا، ان حوالي سان نينگر جي ڏاڏي مسمات زهران کوکر پوٽي کي ساڻ ڪري صحافين اڳيان احتجاج ڪندي دانهيندي چيو ته مان ڳوٺ ڀرسان زمين تي گاهه ڪري رهي هيس ۽ منهنجو پوٽو زمين تي ٻڪريون چاري رهيو هو ته 2 جوابدارن پوٽي سان بدفعلي جي ڪوشش ڪئي ۽ پوٽي مٿان تشدد ڪيو، هن ٻڌايو ته پوٽي جي رڙين تي مان پهتس ته جوابدار فرار ٿي ويا، واقعي جي ڪنب ٿاڻي به اين سي داخل ڪرائي آهي، هن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته جوابدار گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.