دادو /قاضي احمد (نمائندن وٽان) قاضي احمد ۾ ڪجھه وقت اڳ شادي تقريب دوران قتل ٿيل دادو واسي عبدالحميد عرف همير وگهيو جي واقعي جو جرڳو ڀان سعيدآباد لڳ ڳوٺ حسن شاھ ۾ سيد صالح شاھ ڦٽائي جي سر پئنچي ۾ جرڳو ٿيو، جرڳي ۾ مقتول جي چاچي عبدالمجيد وگهيو، عباس وگهيو ۽ جوابدار ضمير جتوئي جا وارث شريڪ ٿيا ، ٻنهي ڌرين جي ماڻهن جي بيانن کانپوء سر پئنچ مقتول جي خون بها 30 لک ۽ مقتول جي لاش کي لاوارث حالت ۾ ڦٽو ڪرڻ جا وڌيڪ 5 لک روپيا ڏنڊ وڌو ۽ نياڻيون ميڙ ٿي تڏو بخشرائڻ جو پڻ پابند بڻايو جنهن تي ، مقتول نوجوان جي چاچي عبدالمجيد وگهيو موقعي تي ئي جوابدار ضمير جتوئي ڌر کي ڏنڊ جي رقم 35 لک روپيا معاف ڪري ڇڏيا ۽ تڏو بخشرائڻ کان روڪي ڇڏيو آهي، مقتول جي چاچي عبدالمجيد جو چوڻ هئو ته جوابدار ڌر ڪيترائي ڀيرا نياڻيون ميڙ ٿي اچڻ کان پوء اسان فيصلي تي راضي ٿياسين ۽ جوابدار ضمير سان جيل ۾ ملاقات ڪري قتل جو سبب معلوم ڪيو ته جوابدار ٻڌايو ته هن نشي جي حالت ۾ فائرنگ ڪئي جنهن ۾ همير قتل ٿيو مونکان اها خطا ٿي آهي بڇ وغيره ناهي ، ان ڪري اسان پاڪ ڪتاب تي جوابدار کي خون معاف ڪيو آهي. نبيري بعد فريادي ڌر عدالت ۾ ھلندڙ ڪيس تان پڻ بخشش لکي ڏيندي