جھول (ن پ ا) جھول ويجھو ڳوٺ جمع خان ٽالپر واسي نائين ڪلاس جو شاگرد ارشاد علي ٽالپر پٽ امان الله ٽالپر مائٽن سان ڪاوڙجي ٽي ڏينھن اڳ گھران نڪري گم ٿي ويو جيڪو مائٽن پاران ڪافي ڳولا باوجود ھٿ اچي نه سگھيو آهي، ان حوالي سان رابطو ڪرڻ تي نوجوان ارشاد علي ٽالپر جي والد مير امان الله ٽالپر رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو پٽ کي اوباش ڇوڪرن سان گھمڻ کان منع ڪئي ته ھو ڪاوڙجي 3 ڏينھن اڳ گھران نڪري ويو جنھن کي ھنن ميرپورخاص، حيدرآباد ۽ ٻين شھرن ۾ رھندڙ مائٽن وٽ ڪافي ڳوليو پر ھو ھٿ نه اچي سگھيو آهي. ھن جو فون بند ھئڻ ڪري اسان سخت پريشان آهيون. وس وارا پٽ جي ڳولا ۾ مدد ڪن.