ڀرياروڊ (ن پ ا) ڀريا روڊ ۾ سانگي شاخ جي پڇڙي جي آباگارن امتياز چانديو، نديم آرائين، گلاب ڪيريو، اڪرام چانڊيو، مرتضي اڄڻ جي اڳواڻي ۾ آبپاشي عملي خلاف هٿن ۾ ڪوڏريون کڻي سخت احتجاجي مظاهرو ڪندي اڳواڻن چيو ته سانگي شاخ پهرين تاريخ کان 7 تاريخ تائين وارا بندي ۾ آهي، پر آبپاشي عملو منڍ جي آبادگارن کان ڳري رشوت وٺي رات جو شاخ کولي رهيا آهن، جنهن سبب منڍ جا آبادگار سرعام غيرقانوني جهٽا، لفٽ مشينون هلائي پاڻي چوري ڪري رهيا آهن. هنن چيو ته سانگي شاخ تي ڪو به واٽر ڊزائين ناهي عملو هٿ سان واٽر ڪورسن جا منهن ٽوڙائي غير قانوني پائيپن نولين جي اجازت ڏئي رهيو آهي. هنن چيو ته شاخ مڪمل طور لاقانونيت جو شڪار آهي، ڪير پڇڻ وارو ناهي ۽ اسان جي هزارين ايڪڙ زمين بنجر بڻجي وئي آهي ۽ اسان کي لکين رپين جو نقصان ٿي رهيا آهن. هنن وزير اعلي سنڌ، آبپاشي وزير سهيل انور سيال کان گهر ڪندي چيو ته ڪرپٽ عملي کي هٽائي پڇڙي ۾ پاڻي فراهم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.