ميهڙ(ن پ ا) ميهڙ شهر جي واپارين جي نمائينده تنظيم اناج منڊي ايسو سئيشن ميهڙ جي جنرل سيڪريٽري گلشير احمد سوڍر ڪاله ميهڙ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ميهڙ مارڪيٽ ڪاميٽي جو ڪروڙين رپين جي ماليت جي پلاٽ تي حڪومت سان وابستا هڪ با اثر سياستدان پاران بااثر ڌر جو قبضو ڪرائڻ کان پوء ڳجه ڳوه ۾ وڪرو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي جنهن جي اناج منڊي ايسو سئيشن پاران مذمت ڪجي ٿي ،اناج منڊي ايسو سئيشن جي جنرل سيڪريٽري گلشير احمد سوڍر چيو ته اسان ميهڙ شهر ۾ 2سو کان وڌيڪ واپاري آهيون جيڪي مسواڙ تي دڪان وٺي مختلف زرعي جنسن جوخريد ،فروخت جو ڪاروبار ڪيون ٿا ۽ مارڪيٽ ڪاميٽي ميهڙ جا لائيسنس هولڊر آهيون ۽ هر سال سنڌ حڪومت کي لکين رپيا ٽئڪس ادا ڪيون ٿا پر سنڌ حڪومت ۽ مارڪيٽ ڪاميٽي طرفان واپار ڪرڻ لاء کين ڪابه سهولت ميسر ناهي هن وزير اعليٰ سنڌ، زراعت کاتي جي صوبائي وزير ۽ سيڪريٽري زراعت کان مطالبو ڪيو ته ميهڙ مارڪيٽ ڪاميٽي جي پلاٽ تي ٿيل قبضي ۽ امڪاني طور وڪري جو نوٽيس وٺي ان تان ٿيل قبضوڇڏرائي ۽ وڪري کي روڪيو وڃي ۽ ڄاڻايل مارڪيٽ ڪاميٽي جي پلاٽ تي اناج منڊي جو قيام عمل ۾ آڻي دڪان اناج جي واپارين کي الاٽ ڪيا وڃن هن اعلان ڪيو ته مارڪيٽ ڪاميٽي جي پلاٽ تي ٿيل قبضي ۽ وڪري خلاف اناج منڊي ايسو سئيشن جي واپارين پاران اڃ کان مرحلي وائيز احتجاجي گڏجاڻيون ،مظاهرا ڪري تحريڪ هلائي ويندي ۽ اها ايستائين جاري رهندي جيستائين سندن مسئلا حل نه ڪيا ويندا.