جهنڊو مري ۾ چوري جي انوکي واردات: چور مزاحمت باوجود پورهيت جي گهر مان اٽي جو ڪٽو کڻي ويا

0
727

جهنڊو مري: سنڌ ۾ اٽي جي بحران کانپوءِ چوري جون انوکيون وارداتون سامهون اچي رهيون آهن

ڀيل ڪالوني ۾ اڻڄاتل چور پورهيت جَي گهر ۾ داخل ٿي مزاحمت باوجود هڪ مڻ اَٽي جو ڪٽو کڻي فرار ٿي ويا
متاثر عورت جو چوڻ آهي ته اڻڄاتل چور گهر ۾ داخل ٿي گهر ڀاتين تي تشدد بعد گهر ۾ پيل قيمتي سامان ڇڏي هڪ مڻ اَٽي جو ڪَٽو کڻي فرار ٿي ويا

عورت ٻڌايو ته هوءَ ڪالهه ئي اٽي جو ڪٽو وٺي آئي هئي، چور اهو به کڻي ويا، جنهن سبب هوءَ پريشان آهي
عورت ٻڌايو ته اُن جي ٻارن وٽ به کائڻ لاءِ ڪجهه ناهي، وڏي مشڪل سان اٽي جو مڻ ورتو هو، اهو به چوري ٿي ويو، هاڻ ٻچن کي ڇا کارايئنديس