اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کي اڄ 31 ڊسمبر تي اسلام آباد ۾ شيڊيول موجب مڪاني چونڊون ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ اڳوان علي نواز اعواڻ ۽ جماعت اسلامي جي مڪاني چونڊون ملتوي ڪرڻ خلاف درخواستن تي فيصلو ٻڌايو ۽ هاءِ ڪورٽ پٽيشنز منظور ڪري ورتيون.عدالت عاليا جي جسٽس ارباب محمد طاهر فيصلو ٻڌايو ۽ چونڊون ملتوي ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن معطل ڪري ڇڏيو.هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کي 31 ڊسمبر تي شيڊيول موجب مڪاني چونڊون ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ لکت فيصلو جاري ڪيو، جنهن ۾ حڪم ڏنو ته وفاقي حڪومت چونڊون يقيني بڻائڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن جي مدد ڪري.عدالت گهرو وزارت جو 19 ڊسمبر ۽ اليڪشن ڪميشن جو 27 ڊسمبر جو حڪم به ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.عدالتي حڪم بعد اليڪشن ڪميشن ۾ هلچل مچي وئي، چيف اليڪشن ڪمشنر ان حوالي سان فوري طور تي اليڪشن ڪميشن جو هنگامي اجلاس طلب ڪيو، اجلاس ۾ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي تي ايترو جلدي ڪجهه ڪلاڪن ۾ ڪيئن عملدرآمد ڪري سگهجي ٿو بابت غور ڪيو ويو، ذريعن مطابق اليڪشن ڪميشن جي اجلاس ۾ 31 ڊسمبر تي بلدياتي چونڊون ڪرائڻ کي ناممڪن قرار ڏنو ويو، اليڪشن ڪميشن کي ٻڌايو ويو ته هاءِ ڪورٽ جي فيصلي تي اسلام آباد جون چونڊون ملتوي ٿيڻ کان پوءِ چونڊن لاءِ مقرر ڪيل عملو حڪومت حوالي ٿي ويو، هن وقت رٽرننگ آفيسر، پرزائيڊنگ آفيسرن سوڌو ٻيو چونڊ عملو موجود ناهي، اڃا تائين اسلام آباد ۾ بلدياتي چونڊون ڪرائڻ لاءِ قائم ڪيل هڪ هزار پولنگ اسٽيشنن لاءِ چونڊن جي سامان تي ٻڌل اليڪشن بيگ ئي تيار نه  ٿيا آهن، نه ئي پولنگ اسٽيشنن تي اهي بيگ پهچائڻ لاءِ ٽرانسپورٽ جو بندوبست ڪيو ويو آهي، چونڊ ڪرائڻ لاءِ نه پولنگ اسٽاف آهي نه ئي ڪو امن امان کي قائم رکڻ لاءِ سيڪيورٽي مقرر ٿي سگهي آهي، اليڪشن ڪميشن وٽ هن وقت طئه ٿيل پولنگ اسٽيشنن جي بلڊنگن جو ڪنٽرول به ناهي، ان صورت ۾ اليڪشن ڪميشن اڄ 31 ڊسمبر تي اسلام آباد ۾ بلدياتي چونڊون نه ٿي ڪرائي سگهي،  جنهن ڪري اليڪشن ڪميشن ان حوالي سان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي تي انٽرا ڪورٽ اپيل داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ٻئي طرف ان حوالي سان اليڪشن ڪميشن رات دير تائين باضابطه طور تي چونڊون ٿي سگهنديون يا نه بابت انڪار يا اقرار ۾ ڪو به بيان جاري نه ڪيو آهي،  ٻئي طرف وفاقي حڪومت پاران اسلام آباد ۾ مڪاني چونڊون ڪرائڻ وارو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ حڪم چيلينج ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، وفاقي سرڪار اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي حڪم کي چيلنج ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ايڊيشنل اٽارني جنرل  منور اقبال  دو گل  فيصلي خلاف  انٽرا ڪورٽ اپيل  داخل ڪرڻ  جي تصديق ڪري ڇڏي آهي، ايڊيشنل اٽارني جنرل  جو چوڻ آهي فيصلي جي ڪاپي ملي وئي آهي ، انٽرا ڪورٽ  اپيل جي تياري  جو ڪم جاري آهي، هن چيو ته انٽرا ڪورٽ اپيل تي اڄ ئي ٻڌڻي  جي استدعا ڪئي وئي آهي. ان سلسلي ۾ وفاقي گهرو وزير رانا ثناءُ الله چيو آهي ته عدالتي حڪم اکين تي پر اڄ مڪاني چونڊون ڪرائڻ ناممڪن آهي، 4، 5 مهينا اليڪشن ڪرائڻ ۾ کپن، هن چيو ته 4، 5 هزار ماڻهن جي ڊيوٽي لڳائڻ، گڏ ڪرڻ، اليڪشن جو سامان ڏيڻ ايتري گهٽ وقت ۾ ممڪن ناهي، هن چيو ته اليڪشن شيڊول بعد قانون ۾ ترميم ٿي سگهي ٿي، جيڪي شور مچائي رهيا آهن، اهي اسيمبلي ۾ واپس ڇو نه ٿا اچن. هن چيو ته مڪاني ادارا 2020ع ۾ مدو پورو ڪري چڪا آهن،هنن وقت سر چونڊون ڇو نه ڪرايون؟ تحريڪ انصاف ايندي ئي مڪاني ادارن کي ختم ڪري ڇڏيو، پنجاب ۾ مڪاني اليڪشن نه ڪرائي، انٽراڪورٽ اپيل ۾ هي سموريون شيون رکنداسين، رانا ثناءُ الله قومي سلامتي ڪاميٽي جي اجلاس بابت ٻڌايو ته ناڻي وزير اسحاق ڊار قومي سلامتي ڪاميٽي کي يقين ڏياريو ويو آهي ته ملڪ جي ڊفالٽ جو ڪوبه خطرو ناهي، جيڪڏهن هي صورتحال رهي ته 15 جنوري تائين مشڪلاتون حل ٿي وينديون، آءِ ايم ايف سان ڊيل به ٿي ويندي، دوست ملڪن کان به پيسا ملي ويندا، ڪاميٽي ميمبرن معاشي صورتحال تي اطمينان جو اظهار ڪيو آهي، هن چيو ته هڪ پارٽي ملڪ دشمن عنصرن سان ملي ڊفالٽ جا افواهه پکيڙي رهي آهي، ثبوت به ڪاميٽي آڏو رکيا ويا، دهشتگردي خلاف نئون آپريشن شروع ٿيڻ بابت فيصلو سومر تي ٿيندو.