جروار واسي نينگر 15 ڏينهن کان مبينا لاپتا، هڪ ڄڻو گرفتار

0
216

جروار(ن پ ا) جروار جي ڳوٺ ڪمال مشوري جو نينگر 15 ورهين جو فياض مشوري 15 ڏينهن کان لاپتا، نينگر جو پي نياز احمد مشوري جروار ٿاڻيتي  ٽن ڄڻن دلشير مشوري، پيارعلي، مشوري ۽ دلبر مشوري مٿان اغوا جي رپورٽ داخل ڪرائي ڇڏي، جنهن بعد جروار پوليس ڪاروائي ڪندي جوابدار ڄڻايل مان هڪ ڄڻي دلشير مشوري گرفتار ڪري ورتو، گم ٿيل نينگر جو پي نياز احمد مشوري ٽائيم نيوز کي ٻڌايو ته جوابدار دلشير مشوري نينگر کي گهران وٺي ويو هو ته شھر گهمڻ هلون ٿا 15 ڏينهن گذري ويا آھن هن مهل تائين ڪٿي به ڏس پتو نه ٿو ملي، هن شڪ ڏيکاريو ته جوابداردلشير مشوري  منهنجي پٽ کي اغوا ڪري ڪٿي  وڪرو ڪري آيو آھي ، هوڏانهن جروار پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته گرفتار جوابدار کان جاچ ڪئي آھي ته هن ٻڌايو ته نينگر کي حيدرآباد ۾ ٽرڪ ڊرائيور پٺاڻ وٽ ڇڏي آيو آھيان جوابدارکي نه پٺاڻ جو نالو اچي ٿو نه ئي ان جي ايڊريس جي خبر اٿس وڌيڪ جاچ ڪيون پيا