ججز کي ڪنهن جي به دٻاءُ ۾ اچي فيصلا نه ڪرڻ گهرجن:جسٽس آفتاب ڳورڙ

0
409

سکر (بيورو رپورٽ) ڪنهن کان ڊڄڻ جي ڪابه ضرورت ناهي، ججز کي ڪنهن جي به دٻاءُ ۾ اچي فيصلا نه ڪرڻ گهرجن، سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر جي جج، جسٽس آفتاب احمد ڳورڙ جو الوداعي تقريب کي خطاب، جسٽس آفتاب احمد ڳورڙ چيو آهي ته مون سمورا فيصلا قانون پٽاندڙ ۽ الله کي حاضر سمجهي ڪيا، ٻين ججز کي به مشورو ڏيندس ته فيصلا ڏيڻ وقت ڪنهن کان به نه ڊڄڻ گهرجي، ڊسٽرڪٽ بار طرفان جسٽس آفتاب احمد ڳورڙ جي ماُن ۾ ڪوٺايل الوداعي تقريب دوران وڪيل اڳواڻن طرفان شرڪت ڪئي وئي.