جاتي (ن پ ا) سامونڊي پٽي جي علائقي ڪلڪان ڇاڻي جو رهواسي نوجوان اسحاق پٽ اميد علي ٿهيم سمنڊ  ۾ مڇي جي شڪار دوران  هوڙي مان پير سلپ ٿيڻ سبب سمنڊ ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو، مهاڻن سندس لاش پاڻي مان ڪڍي ڳوٺ منتقل ڪيو، ٻي طرف نوجوان جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. عيد جون خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون.