سجاول (رپورٽر) سجاول ۾  چانگ برادري جي ماڻهن پاران پوليس خلاف ڌرڻو،  2 ڄڻا کنڀي گم ڪرڻ جو الزام، ان ڏس ۾  سجاول_ چوهڙ جمالي روڊ تي چانگ فارم اسٽاپ تي چانگ برادري جي ماڻهن غلام حسين چانگ، موسيٰ چانگ، ڄام چانگ، حنيف چانگ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پوليس خلاف ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي مظاهرين دانهيندي چيو ته  سجاول پوليس اسان جي 2 ماڻهن رمضان چانگ ۽ حڪيم چانگ جي بنا جواز کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي،  هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي نوجوان آزاد ڪرايا وڃن، ٻي طرف ايس ايس ايچ سجاول اياز ميمڻ اهڙي گرفتاري کان لاعلمي ظاهر ڪئي.