بدين(رپورٽر) بدين جي صحافي ۽ سماج سڌارڪ عاشق علي چانڊيو بدين جي تپيدارن ۽ ان جي ھمدردن جي  ظلمن خلاف ايوان صحافت بدين آڏو احتجاج ڪرڻ بعد پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته حق سچ لکڻ تان تپيدار  ۽ سندس ساٿي ڌمڪيون ڏئي رهيا آھن، منهنجي والد مرحوم عمر ولد امير بخش چانڊيو جي خريد ڪيل پراپرٽي جيڪا روينيو کاتي پاران قانون موجب ورتل ۽ وڪرو ڪيل آهي، پر تپيدار بليڪ ميل ڪري رھيو آھي ۽ مختيارڪار آفيس مان روينيو ريڪارڊ ۾ ھيرا ڦيري ڪرائي وئي آهي. انصاف لاءِ تپيدار ۽ ساٿين خلاف عدالت ۾ پٽيشن داخل ڪرائيندس. انصاف ڪيو وڃي.