حيدرآباد (رپورٽ: امتياز کوسو) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ دادو ضلعي ۾ پيئڻ جو صاف پاڻي فراهم نه ٿيڻ خلاف داخل پٽيشن تي چيف سيڪريٽري سنڌ سميت لاڳاپيل ڌرين جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو آهي. ٻڌڻي دوران جسٽس امجد علي سهتو رمارڪس ڏنا ته پيئڻ جو صاف پاڻي فراهم ڪرڻ رياست جي ذميواري آهي، اوهان کي سنڌ واسين ووٽ ڏنا پر انهن کي پيئڻ جو صاف پاڻي به فراهم نه ٿو ڪيو وڃي. جسٽس اهو به چيو ته منڇر ڍنڍ جي صفائي لاءِ اوهان کي 3 سئو ملين رپيا جاري ٿيا پر منڇر ڍنڍ ۾ اڄ به زهريلو پاڻي موجود آهي ۽ وال کولڻ لاءِ فراهم ٿيل رقم ڪرپشن جي ورچڙهي وئي، اها ايڏي رقم ڪٿي خرچ ٿي اسان سڀ ڪجهه سمجهون ٿا. جسٽس شمس الدين عباسي رمارڪس ڏنا ته سنڌ ۾ ڪهڙو ڪئنال، واهه يا وري شاخون آهن جن جا بند مضبوط هجن ۽ جيتري ڪرپشن آبپاشي کاتو ڪري رهيو آهي اوتري شايد ڪنهن ٻئي کاتي ۾ ٿيندي هجي

تعلقي جوهي جي رهواسين آفتاب احمد پنهور، نور احمد ۽ علي اڪبر پنهور وڪيل گلزار علي عالماڻي معرفت توهين عدالت جي درخواست داخل ڪرائي هئي، جنهن ۾ انهن موقف اختيار ڪيو هو ته هڪ سال اڳ لاڳاپيل عدالت دادو ضلعي جي جوهي، ڪي اين شاهه ۽ ميهڙ تعلقن ۾ لڳل غيرفعال آر او پلانٽ توڙي واٽر سپلاءِ جا تلاءَ فعال بڻائڻ جو حڪم ڏنو هو پر ان تي اڃا تائين ڪو به عمل ناهي ٿي سگهيو. ٻڌڻي جسٽس شمس الدين عباسي ۽ جسٽس امجد علي سهتو تي مشتمل ڊويزنل بئنچ ڪئي. عدالت پاران طلب ڪرڻ تي چيف سيڪريٽري سنڌ سيد آصف حيدر شاهه، ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ سميت لاڳاپيل عملدار وڪيلن معرفت پيش ٿيا. عدالت چيف سيڪريٽري کان پڇاڻو ڪيو ته گذريل ٻڌڻي تي اوهان کي دادو ضلعي جي غير فعال آر او پلانٽ کي فعال بڻائڻ جو حڪم ڏنو هو، ان معاملي تي هيستائين ڪهڙي پيش رفت ٿي سگهي آهي

چيف سيڪريٽري سنڌ عدالت کي آگاهي ڏني ته انهن عدالتي حڪم جي تڪميل ڪندي 140 آر او پلانٽ فنڪشنل ڪري ڇڏيا آهن ۽ ٻين غير فعال پلانٽس تي به سندن ڪم جاري آهي. چيف سيڪريٽري عدالت کي اها به آگاهي ڏني ته واٽر ڪميشن جي حڪمن تي عمل ڪندي انهن سنڌ ۾ قائم بيسڪ هيلٿ يونٽ سينٽرز، تعلقي اسپتالن سميت ٻين وڏين اسپتالن ۾ به 300 آر او پلانٽ لڳايا آهن ته جيئن اتي علاج لاءِ ايندڙ مريضن کي صاف پاڻي جي فراهمي ٿي سگهي جڏهن ته واٽر ڪميشن انهن ڏينهن دوران 4 هزار اسڪولن ۾ پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي جو حڪم ڏنو هو جنهن بعد انهن اسڪولن ۾ به شاگرد، شاگردياڻين توڙي عملي ۽ اسٽاف لاءِ پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي کي يقيني بڻائي آر او پلانٽ قائم ڪيا. چيف سيڪريٽري عدالت کي اها به آگاهي ڏني ته عام چونڊن دوران 1427 اسڪولن ۾ پولنگ اسٽيشنز قائم ڪرڻ دوران ڄاڻ ملي ته اتي پاڻي جي سهولت ناهي جنهن بعد هنگامي بنيادن تي اتي به پاڻي فراهم ڪيو. چيف سيڪريٽري سنڌ کان عدالت پڇاڻو ڪيو ته برساتن ۾ جن ماڻهن جا گهر ڊٺا انهن جي تعمير لاءِ اوهان کي ورلڊ بئنڪ جيڪا رقم جاري ڪئي اها ڪٿي خرچ ٿي آهي. چيف سيڪريٽري عدالت کي آگاهي ڏني ته انهن هيستائين سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ هڪ لک 64 هزار 15 گهر ٺهرايا آهن جيڪي متاثر عورتن جي نالي ڪرايا ويا آهن ته جيئن سندن گهرن تي مڙس يا ٻيا عزيز قابض نه ٿي سگهن

جسٽس امجد علي سهتو چيف سيڪريٽري کي مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان تي اسان کي اعتبار آهي پر اوهان رڳو ان ڳالهه جي نشاندهي ڪيو ته منڇر ڍنڍ جي صفائي لاءِ جيڪي 300 ملين فراهم ٿيا اها رقم ڪٿي خرچ ٿي جنهن تي چيف سيڪريٽري عدالت کي آگاهي ڏني ته منڇر ڍنڍ جي صفائي سٿرائي ۽ مٺي پاڻي جي ڇوڙ تي اها رقم خرچ ڪئي. عدالت چيف سيڪريٽري کي مخاطب ٿيندي چيو ته بلوچستان مان ايترو پاڻي پهتو، جيڪڏهن اهو منڇر ذريعي درياهه ۾ ڇوڙ ٿئي ها تڏهن به زهريلو پاڻي نيڪال ٿي وڃي ها پر اوهان جي عملدارن جي ايئن ڪرڻ بدران منڇر جا دروازا نه کوليا جنهن ڪري پاڻي اورٽاپ ٿي گهارن جي صورت ۾ ڪي اين شاهه ۽ ٻين علائقن ۾ پهچي تباهي مچائي پر اوهان ان چيف انجنيئر خلاف ڪهڙي ڪارروائي ڪري سگهيا آهيو جنهن منڇر جي بحالي لاءِ رقم ۾ ڪرپشن ڪري خوبصورت ڍنڍ جي اهڙي حالت ڪري ڇڏي آهي. چيف سيڪريٽري عدالت کي ٻڌايو ته راوت ڊيم ۽ ٻئي الٽرنيٽ ذريعي منڇر ۾ مٺي پاڻي جو ڇوڙ ڪيو پيو وڃي پر هاڻي به کين عدالت جيڪو حڪم ڪندي ان تي هو ضرور عمل ڪندا

جسٽس امجد علي سهتو رمارڪس ڏنا ته چيف سيڪريٽري صاحب اوهان اڪيلي سر ڪجهه به نٿا ڪري سگهو ڇاڪاڻ ته اوهان جي هيٺان کاتن ۾ جيڪي عملدار موجود آهن اهي رڳو ڪرپشن پيا ڪن، انهن خلاف اسان ڪنهن کي ڪارروائي جو حڪم ڏيون، جيڪڏهن اينٽي ڪرپشن کي ڪارروائي لاءِ لکنداسين ته اها کين ڪلين چٽ ڏيندي ۽ وري جيڪڏهن نيب کي ڪارروائي جو حڪم ڏنو ويو ته اهي وري عملدارن کان پنهنجي حصي جي گهر ڪندا. اسان وٽ اوهان جي عزت آهي پر اوهان 10 سال اڳ جيڪا حيدرآباد جي حالت ڏٺي هوندي، هاڻي ان کان وڌيڪ شهر اجڙيل نظر ايندو. جسٽس امجد علي سهتو چيف سيڪريٽري کي مخاطب ٿيندي اهو به چيو ته جيڪڏهن اوهان ڪم ڪريو ها ته سنڌ جي اها حالت نه هجي ها. عدالت کانئس پڇاڻو ڪيو ته اوهان کي ڪيترو ٽائيم گهرجي جو اوهان رڳو دادو نه پر سڄي سنڌ جي ماڻهن کي پيئڻ جو صاف پاڻي فراهم ڪري سگهندا ڇاڪاڻ ته رياست جي ذميواري آهي ته هو شهرين کي صاف پاڻي فراهم ڪري پر سنڌ واسي اوهان کي ووٽ ڏيڻ باوجود گدلو ۽ بدبودار پاڻي پيئڻ تي مجبور آهن. عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد فيصلو محفوظ ڪرڻ جو حڪم ڏنو