تون نه آئين درکليو ئي رهيو

0
273
سيارو ،سڙيل پل ۽ اڃان اڳتي

رومانٽڪ شاعري جودور ته گهڻو آڳاٽو آھي، ليڪن ورهاڱي کان اڳ ۽ ان کان پوءِ جتي ديس کان وڇڙڻ ۽ ان جي دردن تي نظم ۾ لکيو ويو، پر اتي رومانٽڪ شاعري جي به شروعات ٿي چڪي هئي، اياز، نارائڻ شيام، پرسرام ضيا، مير عبدالحسين سانگي، ڪشنچند بيوس، مخدوم محمدزمان طالب الموليٰ سميت ڪيترن ئي شاعرن جتي وطن جي محبت تي لکيو ته اتي انهن رومانس تي به خوب لکيو.

اوچتو ڇرڪ ڀري مون کي ڏسي،

ٿي پڇي ڇا تون فلاڻو ڪونه آن،

مون پڙھي آ شاعري تنهنجي سڄي،

لڄ سان سوچان پيو مان ڇا چوان.

اياز، نارائڻ شيام، ماسٽر چندر ۽ پرسرام ضيا جي دور کان پوءِ جتي شمشير الحيدري، تنوير عباسي، امداد حسيني، اياز گل، ادل سومرو، محمد خان مجيدي، سرويچ سجاولي، ابراهيم منشي ۽ ٻين شاعرن قومي شاعري ۽ عشقيا شاعري لکي ته اتي وري لاڙ جي هڪ پراڻي ۽ ننڍڙي شھر ميرپور بٺوري جنهن وٽان آڳاٽي دور ۾گونگڙو درياءُ موڙ ڪري دور ڏکڻ کاري ۾ وڃي ڇوڙ ڪندو هو، ان شھر ۾ غلام حسين رنگريز جنم ورتو.

غلام حسين رنگريز بٺوري شھر جي کٽي شفيع محمد رنگريز جي گهر ۾ 1945ع ڌاري اکيون کوليون. هن جا مائٽ ڪپڙن کي رنگڻ جو ڪم ڪندا هئا. غلام حسين رنگريز جڏھن پنهنجي تعليم پوري ڪئي ته غم روزگار سبب پريشان رهيو. جنهن ڪري هن تعليم کاتي ۾1963ع ۾ پرائمري استاد جي حيثيت سان نوڪري شروع ڪئي. 1967ع ۾ سيڪنڊري استاد مقرر ٿيو ۽ 1985ع ۾ اليمنٽري ڪاليج بٺوري ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو، جنهن عهدي تان پاڻ 1994ع ۾ رٽائر ڪيائين.

پاڻ جيتوڻيڪ ننڍپڻ کان ملڪ جون بگڙجندڙ حالتون، مارشلائون، وڏيرڪي نظام سبب ديس جي پورهيت ماڻھن سان ناانصافيون ۽ قومي قتل اکين سان ڏٺا هئا، جنهن ڪري هن جي دل ۾ قومي درد ڪنهن ڀريل ڪني جيان اڀامندو رهيو. هن چاهيو ٿي ته هو ديس ۽ ديس واسين لاءِ ڪجهه ڪجي ان ڪري هن هڪ پاسي پڙھڻ پڙھائڻ ۽ لکڻ شروع ڪري ڇڏيو ته ٻي پاسي وري اڻ سڌي طرح قومي تحريڪ جو هڪ خاموش ڪردار بڻجي ويو. قومي تحريڪ ۾ هن کي ٻين ڪردارن کان وڌيڪ سن جي سائين جي ايم سيد متاثر ڪيو جنهن ڪري هن نه فقط جي ايم سيد سان قومي ليڪن روحاني رشتو به جوڙيو، جيڪو سرڪاري ملازم هئڻ دوران رياست جي سختين سبب به ٽٽي نه سگهيو. هن کي سرڪاري نوڪري دوران جيل به اماڻيو ويو، پر هن سنڌ ۽ سيد جي عشق تان هٿ نه کنيو.

منهنجي ساڻس پهرين ملاقات تڏھن ٿي هئي، جڏھن پاڻ اليمينٽري ڪاليج ۾ ليڪچرار ھو. ساڻس پوءِ ملاقاتن جو سلسلو وڌندو رهيو، جڏھن آئون سنڌي ادبي سنگت بدين جو رابطا سيڪريٽري هوس ۽ پاڻ سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي اليڪشن ۾ سيڪريٽري جنرل جي عهدي لاءِ اميدوار هو، اليڪشن ۾ پاڻ کٽي ويو جنهن کان پوءِ ساڻس اڪثر ملاقاتون ٿينديون رهيون. ڪڏھن ڪنهن ادبي سنگت جي پروگرام ۾ ته ڪڏھن سندس ننڊڙي اوطاق ۾، سندس چاهيندڙن جو هڪ وڏو حلقو هو. ذوالفقار ميمڻ کان وٺي، مرحوم الهڏني خاصخيلي تائين، نورمحمد کيبر کان وٺي سارنگ شاهه تائين، ڪيترائي نوجوان سندس اوطاق تي موجود هوندا هئا. کانئس ادبي توڙي فڪر جي رهنمائي پيا وٺندا هئا، پاڻ اعليٰ پائي جو نثر نويس ۽ شاعر هو، وکر سو وهاءِ، غلام جا ٽهڪڙا، اکيون اڃ اپار، ورق ورق زندگي کان ويندي، خانا بدوش روح جي ڪٿا تائين ڏهاڪو کن ڪتاب لکيائين. ان دوران سوين مضمون اخبارن ۽ رسالن ۾ به لکيائين.

پاڻ ذاتي زندگي ۾ انتهائي حساس ۽ جهيڻو ڳالهائيندڙ شخص هو. سندس ذاتي زندگي ڏکوئيندڙ ۽ حادثن سان ڀريل رهي. سندس ئي هٿن ۾ ڪڏھن سندس نو جوان پٽ اوچتو ايڪسيڊنٽ ۾ گذاري ٿو وڃي ته ڪڏھن سندس نياڻي جو جواني ۾ ئي موت ٿو ٿئي. اهڙا حادثا کيس جهوريندا رهيا، سرڪاري نوڪري مان رٽائر ٿيڻ کان پوءِ پاڻ ڪجهه وقت سندس اباڻي شھر ميرپور بٺوري کي الوداع ڪري ڪراچي هليو ويو، جتي ڪجھه عرصو وڪالت ڪيائين پر پوءِ ترت ئي ان ڌنڌي کي ڇڏي واپس بٺوري هليو آيو جتي ٻيهر لکڻ پڙھڻ جي ڪم کي لڳي ويو.

پاڻ جتي بهترين نثر لکيائين، اتي غضب جي شاعري به لکيائين:

رات جو پهر پويون ٿيو ،

تون ن آئين در کليو ئي رهيو،

سار جا سپ ڏنگيندا رهيا،

وار تنهنجا ونگيندا رهيا،

چنڊ چيٽي چڙھيو ئي رهيو،

جاڳ تنهنجي آھي پلي

راه تنهنجي آ ويٺي جهلي،

خواب نيڻن ۾ ٽنگيو ئي رهيو،

تون آئين در کليو ئي رهيو ،،

منهنجي پوئين ڪتاب،، ٿڌيون راتيون ٿڪل چنڊ،، تي بئڪ ٽائٽل پاڻ لکيو هئائين. هڪ ڏينهن مون کي فون ڪري چيائين ته ميان مير مون تنهنجي ڪتاب تي لکي ڇڏيو آھي. پاڻ لکيائين ته ميان مير جون لکڻيون ايئن آھن، جيئن چاندني ۾ پتڻ، ھو خود پاتڻي به لڳندو آھي ته لڇندڙ لهر به.

پوئين دفعي مون کيس اسماعيل اداسي جي چاليهي تي ٿيندڙ پروگرام جي صدارت لاءِ دعوت ڏني، پاڻ جهيڻي آواز ۾ وراڻيائين ته ميان مير بيمار آھيان طبيعت ٺيڪ ناهي، صدارت نه ڪري سگهندس. ليڪن ڪوشش ڪندس ته توهان جي پروگرام ۾ شريڪ ٿيان. غلام حسين رنگريز 2 سيپٽمبر 2021ع ڪراچي جي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪيو، سندس وڇوڙي تي مون کي اياز جو هي نظم ياد آيو:

ڏياري ياد مون کي موت جي،

ڄڻ اها موسم اچي،

آئون پيري ۽ جواني ٻئي ڏسان ٿو،

مند جي ڦيري جيان،

زندگي جي گهيري جيان ،

جو ڄمي ٿو ناس ٿيڻو آ اوس،

ڪونه رهڻو آ بس،

پوءِ هي غم يا خوشي بيڪار آ ،

موت ڪارونڀار آ،

ڪا به اهڙي شي نه آ وڇڙي نه ٿي جا،

جيئن سرء رت ۾ سڀ پن وڇڙي ٿا وڃن،

تن وڇڙي ٿا وڃن،

من وڇڙي ٿا وڃن..

غلام حسين رنگريز جي وڃڻ کان پوءِ نه فقط ميرپور بٺوري جون گليون اداس آھن، ليڪن ساري سنڌ اداس آھي.