نياز مسرور بدوي

 

سنڌي ڪهاڻي ادب جي اها جديد ترين صنف آهي، جنهن کي جنم ته لوڪ عشقيه داستانن ڏنو آهي، پر اهي لوڪ عشقيه داستان جن ۾ هيرو ڪوهه ڪاف جي پريءَ جي ڳولا ۾ سرگردان رهندي، پنهنجي منزل کي حاصل ڪرڻ لاءِ انيڪ ڏکن سان منهن ڏيندي، مافوق الفطرت قوتن سان وڙهندي، ڪنهن طلسمي تعويذ جي طاقت سان، پنهنجي چترائي سان، کين شڪست ڏيندي نظر ايندو هو. هاڻ به اهڙيون ديومالائي ڪهاڻيون سنڌي ادب ۾ ته ڪونه لکجن ٿيون، پر انگريزي ادب پنهنجي سموري جدت جي باوجود انهن کان پنهنجو شعور آزاد نه ڪرائي سگھيو آهي، جنهن جي حق ۾ هيري پوٽر جھڙن ناولن جو نالو کڻي سگھجي ٿو.حقيقت اها آهي، ته انهيءَ وقت جي ادب ۾ هيرو ازم جو پرچار تمام گھڻو هوندو هو ۽ هيرو جي اخلاقي ڪردار کي تمام مٿاهون ڪري پيش ڪيو ويندو هو. پر آهستي آهستي انهن لوڪ داستانن ۽ مافوق الفطرت ڪردارن جي جاءِ ناول ورتي، جنهن ۾ پڻ گھڻائي ڪردار هڪ سان سلهاڙيل هوندي به، پنهنجو پنهنجو الڳ تشخص رکندي به هڪ جان ٻه قالب هوندا هئا. انهن ناولن ۾ پيار جي ٻنڌڻن جي ذڪر سان گڏ سندن اخلاقي باوقاري پڻ چٽي حيثيت ۾ نروار هوندي هئي. هنن داستانن ۽ ناولن ۾ منفي ڪردار هميشه هار جو شڪار ٿيندو هو.پر اڳتي هلي ادب جي ادب حقيقت پسنديءَ جو اهڙو واءُ داخل ٿي ويو، جنهن ادب کي ادب براءِ ادب ۽ ادب براءِ زندگيءَ جي ٻن پُڙَنِ ۾ ورهائي ڇڏيو. انهن نظريي سان سلهاڙيل اديبن، پنهنجن پنهنجن نظرين سان انصاف ڪندي، اهڙا ته شهپارا تخليق ڪيا آهن، جن جي امرتا کي اڃا تائين وقت جو ڪوسو جھولو نه لڳو آهي، سندن شادابي اڄ به ضرب المثل آهي.سنڌي ادب جي اندر ڪهاڻي پنهنجي مختصر فارميٽ جي ڪري، تمام گھڻي مقبول ٿي رهي آهي. ڪهاڻي اندر اهي سڀئي موضوع شامل ٿي چڪا آهن، جيڪي انساني زندگيءَ سان لاڳاپيل آهن. ۽ اسان جي ڪهاڻيڪارن پنهنجي شعور جون اهڙيون ته روشن جهتون ڏيکاريون آهن، جن اسان کي سماج جو روشن رخ ڏيکارڻ سان گڏوگڏ اونداهو پاسو به ڏيکاريو آهي. جنهن کي پڻ روشن ڪرڻ جي نهايت تمام گھڻي ضرورت آهي. ڪجهه وقت سنڌي ڪهاڻي بابت اهو پيو چيو ويو ته سنڌي ڪهاڻي مري وئي آهي، سچ ته اهو آهي ته سنڌي ڪهاڻي مري نه وئي هئي، پر ڪجهه گھڙيون مٿس ماٺ جو پردو پئجي ويو هو. پر هن وقت ڪهاڻي پنهنجي عروج تي آهي، سنڌي ڪهاڻين جا ڪيترائي مجموعا شايع ٿي، سنڌي ڪهاڻيءَ جي روشن مستقبل جي ساک ڏيئي رهيا آهن.

ارشاد سومرو صاحبه به هڪ اهڙي ليکڪا آهي، جنهن جون ڪهاڻيون سنڌ جي مختلف ادبي رسالن ۾ شايع ٿينديون رهيون آهن، پر سندس ڪهاڻين جو پهريون ڪتاب ‘صدين جي اڃ’ جي نالي شايع ٿيو آهي، جيڪو پاڙهڪن جي هٿن جو سينگار ۽ نگاهن جو آئينو بڻجڻ جو حقدار آهي، جنهن ۾ پڙهندڙ کي پنهنجي سماج جي اندر موجود گندگين کي ڏسڻ جو موقعو ملندو ۽ انهيءَ ڪهاڻين منجھه موجود پيغام کي سمجھي، پاڻ منجھه جيڪي برايون آهن، تن کي سڌاري، گھر جو بهترين فرد بڻجي ڪري، سماج کي ڪوجھائپ کان ڪڍي سگھجي ٿو.

‘صدين جي اڃ’ ۾ جملي 14 ڪهاڻيون آهن. پنهنجي پاران ۾ قمر آفتاب لکي ٿو ته ”ادي ارشاد پنهنجي ڪهاڻين ۾ ناانصافين خلاف لکيو آهي ۽ ڪن جاين تي هن مسئلن جو حل به ڏسيو آهي. همت ۽ حوصلو ڌارڻ جو سبق به ڏنو آهي“.

ڪتاب جو مهاڳ طارق قريشيءَ گھڻي تفصيل سان لکيو آهي، جنهن ارشاد صاحبه جي ڪهاڻين جي متن، مقصد ۽ پيغام کي سمجھڻ ۾ آسانيون پيدا ڪيون آهن. طارق قريشي لکي ٿو ته ”جيجي ارشاد سومرو جي ڪهاڻين جا موضوع آهن، سنڌ ۽ سنڌ جا ڏکويل ماڻهو. هوءَ قلم قبيلي جي خاموش خدمتگار آهي. سندس ڪهاڻين ۾ ڊاڪٽر نجم عباسيءَ جي ڪهاڻين جھڙي پرچار ۽ سادگي آهي”.

شبنم گل صاحبه پنهنجي راءِ ڏيندي لکي ٿي ته ”ارشاد جا موضوع سماج جي مسئلن ۽ منفي روين بابت آهن، سماجي حقيقت نگاري تي ٻڌل اهي موضوع، سماج جي چهرن تي پيل ڪيترن نقابن کي وائکو ڪن ٿا“.

فليپر تي مير سردار چنڙ هن ريت رقم طراز آهي ”ارشاد سومرو انهن ڪردارن کي سامهون آندو آهي، جن جو سڌيءَ طرح سماج سان تعلق جڙيل آهي. سندس ڪهاڻيون وڏيرڪي سماج کي رد ڪن ٿيون. “اصغر گگو لکي ٿو ته ”ارشاد سومرو وٽ ڌرتيءَ سان ۽ ان جي ماڻهن سان جيڪو محبت جو رشتو آهي، سو روح وارو آهي. هوءَ جيڪو به لکي ٿي اهو دل سان لکندي آهي“.گلبدن جاويد سندس ڪهاڻين تي راءِ ڏيندي لکي ٿي ته ”ڏاڍ اڳيان هار مڃڻ بجاءِ ان جو مقابلو ڪيو آهي ۽ هر سماجي ظلم تي مزاحمت ڪئي آهي. سندس ڪهاڻيءَ جا ڪردار بي باڪ، سمجھو ۽ بهادر آهن“.ارشاد سومرو جو پنهنجي ڪهاڻين بابت لکيل وضاحتي نوٽ پڻ اسان کي اهو ٻڌائي ٿو، ته سندس ڪهاڻيون سنڌ جي سورن جون پيداوار آهن ۽ هن ان درد جي هڪ لمحي ۾، صدين کان اڃايل ڌرتيءَ جي سانگين ۽ جھانگين جي پيڙائن کي پنهنجي اندر ۾ اوتي، پنهنجي سليس طرز تحرير سان، انهن جي درد ڪٿائن تي لفظن جا ڳوڙها ڳاڙي کين ڀيٽا ڏني آهي.

ارشاد سومرو جي پهرين ڪهاڻي ‘سوال’ آهي، جنهن تي طارق قريشي چڱي خاصي روشني وڌي آهي.

سندس اها ڪهاڻي ڳوٺاڻي پس منظر ۾ لکيل آهي، ڪهاڻي جي ڪردارن ۾ تضاد آهن، جيڪي نيڪي ۽ بدي جي علامت طور ڪتب آندا ويا آهن. پر سچ اهو آهي ته ڪهاڻي جي اندر جيڪو پيغام آهي، اهو اسان کي سوچڻ تي مجبور ڪري ٿو، ته آخر عورت ڪيستائين پنهنجي ڀائرن ۽ مٽن مائٽن جي ڪڌن ڪمن جي چٽيءَ ۾ سورن جي سيج تي لانئون لهندي رهندي. هن ڪهاڻيءَ ۾ وڏيري رحمت خان جي انصاف جي باوجود به ناانصافي سندس پوتيءَ جي پلئه جي ڪنهن ڪنڊ ۾ ٻڌل رهجي ويئي آهي. ڏٺو وڃي ته هن ڪهاڻيءَ ۾ بختاور سراسر نقصان ۾ ۽ حليم سراسر فائدي ۾ ويو آهي. پنهنجي عصمت وڃائڻ جي باوجود کيس ٽي ڀتر نصيب ۾ مليا. ڪهاڻيءَ جي اندر عورت جي مظلوميت کي سهڻي نموني سان ظاهر ڪيو ويو آهي.

ڪهاڻيءَ جي ٻولي نهايت سواد واري آهي ۽ ڪهاڻي اندر ڪافي سهڻيون تشبيهون ۽ محاورا ڪتب آندا آهن.

”ڳوٺ جا ماڻهو وڏيون ڪانڀون ٻڌي ويٺا هئا، ڄڻ ته پاڻ کير جا ڌوتل هجن.“”حليم ڏي اک کڻي ڏسي ها، ته به ڪاري ٿي ڪُسي ها، جي اک کڻي نه ڏٺو تڏهن به وڪري جو وکر ٿي اچي حليم جي ملڪيت ٿي.“

ارشاد سومر صاحبه جي ٻي ڪهاڻي ‘باغي’ آهي، جنهن ۾ اهو ٻڌايو ويو آهي ته انسان جي قابليت هن رشوتي سماج اندر هڪ کوٽي سڪي جھڙي آهي، جنهن کي ڪتب آڻڻ بدران اڇلايو ويندو آهي، هي ڪهاڻي هڪ اهڙي سماج جي ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ اسان کي اهو ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ته، هڪ انسان پيٽ جي آڳ اجھائڻ لاءِ ڪيڏو نه مجبور ٿي وڃي ٿو، جو پاپي پيٽ جي لاءِ ڌرتي فروش به ٿي وڃي ٿو. سندس هن ڪهاڻي ۾ به ڪافي اهڙا منظراتي جملا آهن، جن جي پڙهڻ سان دل جُهري پوي ٿي.”غريب جي نصيب ۾ فاقا هوندا آهن، هنن جي ڏکن جا ڏينهن ۽ غمن جون راتيون به ڊگھيون هونديون آهن.“هن ڪهاڻيءَ جو اختتام ڀاءُ جي وطن فروشي ۽ ڀيڻ جي وطن دوستيءَ جي عڪاسي ڪري رهيو آهي. ڀيڻ جي محبت، وطن جي محبت تي حاوي ٿي وڃي ٿي. ٻئي ڪردار منفي آهن. پر هڪ منفي هوندي به پنهنجي رويي جي عظمت جي ڪري سڀاويڪ لڳي ٿو. پيار جي انتها سان گڏ، ڌرتيءَ سان محبت جو جنون به ڏيکاريو ويو آهي.

هيءَ ڪهاڻي اسان کي اهو سوچڻ تي اتساهي ٿي انسان آخر ڪهڙو ڪم ڪري، جنهن سان سندس عزت نفس به مجروح نه ٿئي ۽ کيس ٻه ويلا به سک سان نصيب ٿين.

”سرهاڻ“ ڪهاڻي به ٻن پيار ڪندڙ پريمين جي پريم جي تصوير ڪشي ڪري رهي آهي. هن ڪهاڻيءَ ۾ سرهاڻ ڪافي جذباتي ۽ پنهنجي حق کي حاصل ڪرڻ جي اميد ۾ يقين رکي ٿي. ۽ ان لاءِ آواز اٿاري، پنهنجو حق جتائي ٿي.

”سارنگ جيڪڏهن تو مون کان سواءِ ڪهن ٻي کي اک کڻي به ڏٺو ته مان تنهنجيون اکيون ڪڍي ڇڏيندس. ۽ هن کي به گولي هڻي ماري ڇڏيندس.“

ڪهاڻي سرهاڻ خيالن جي ري وزٽ جي تقاضا ڪري ٿي. خاص ڪري صفحي 69 جا هيٺيان ٻه اقتباس ۽ صفحي 71 جا وچ وارا اقتباس. بهرحال صفحي 71 واري اقتباس کي هڪ جملي ”سرهاڻ ڊاڪٽري پاس ڪري هائوس جاب جو انتظار پئي ڪيو، ته هيءُ حادثو پيش آيو.“سان ڪائونٽر ڪيو ويو آهي.

”ناياب“ به هن دور جي ڪهاڻي آهي، جيڪا پڻ اخباري خبر مان نڪري ڪري ادبي شهپارو بڻجي ويئي آهي. ڪهاڻي جا جملا نهايت رس چس سان ڀريل آهن، ناياب جي حسن جي سهڻن لفظن سان ڀرپور نمائندگي ڪئي وئي آهي.

”هوءَ ٿر جي ڊيل آهي ڊيل! هن جا پدمڻا پير پٽ تي پون، ته پٽ به لالاڻ سان رنگجي وڃي.“

”ڪونج “ ڪهاڻي آءٌ سمجھان ٿو ته ٻين سڀني ڪهاڻين کان وڌيڪ تجسس سان ڀريل آهي، ڪهاڻيءَ جي ابتدا کان انتها تائين جيڪا روداد بيان ٿيل آهي، سا پڙهندڙ کي پنهجي سحر ۾ جڪڙي رکي ٿي. ڪهاڻي مڪمل پڙهڻ کان پوءِ ڪهاڻيءَ جو انت معلوم ٿئي ٿو، جيڪو پڙهندڙ جي توقع جي بنهه ابتڙ آهي.

ڪهاڻي پنهنجي گھاڙيٽي ۽ سهڻي ٻوليءَ جي استعمال سبب نهايت انوکي پئي ڀاسجي. ڪهاڻيءَ جي جملا به تمام شاندار آهن.

”علي جھڪي زمين تي ڪونج جي قدمن جي نشانن تان مٽي کڻي، اکين سان لڳائي، ڪلهن تان اجرڪ لاهي ڪونج کي پارايو. مٿي تي هٿ رکي چوڻ لڳو ”سنڌوءَ جي ڇولين ۽ سنڌو ماٿرياءَ جي مٽيءَ جھڙي پاڪ ۽ عظيم ڀيڻ مون لاءِ ڌرتي ماتا جھڙيون مانائتيون آهن.“هن ڪهاڻي ۾ جيڪو پيغام ڏنل آهي، تنهن کي سمجھڻ ۽ پرجھڻ جي ضرورت آهيارشاد سومرو صاحبه جون سڀ ڪهاڻيون سچ پڇو ته ڌرتيءَ جون ڪهاڻيون آهن، جيڪي سندس اکين ۾ فريم ٿي ويون آهن. هن پنهنجي شعور جي ساٿ سان انهن کي لفظن سان پينٽ ڪيو آهي، اهي پينٽنگ نما ڪهاڻيون، تجريدي جو آرٽ جو شهڪار نه پر حقيقت پسنديءَ جا اهي انمول چتر آهن، جيڪي ڪڏهن به ميرانجھڙا نه ٿيندا.