کهڙا (ن پ ا) تهمينه خلجي ڪيس ۾ نامزد جوابدار نصير اڄڻ جي گهر تي پوليس ڇاپو هنيو، نصير اڄڻ هٿ نه اچڻ تي پوليس سندس 2 ڀائرن محمد صديق ۽ نثار اڄڻ کي کڻي وئي، تهمينه خلجي ڪيس ۾ نامزد جوابدارن نصير اڄڻ سندس ڀائرن الهورايو ۽ الهوڌايو اڄڻ گرفتاري کان اڳ خيرپور جي ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت مان عبوري ضمانت ڪرائي ورتي آهي، نصير اڄڻ جي ڀاءُ ۽ تهمينه خلجي ڪيس ۾ نامزد جوابدار الهورايو اڄڻ فون ڪري صحافين کي ٻڌايو ته پوليس اسان جي 2 ڀائرن کي بيگناھ گرفتار ڪيو آهي. جڏهن ته تهمينه خلجي واري ڪيس ۾ اسان عدالت مان ضمانت ڪرائي ڇڏي آهي. هوڏانهن الهورايو اڄڻ جي درخواست تي ٿرڊ سول جج گمبٽ گل محمد بروهي کهڙا ٿاڻي تي ڇاپو هنيو، پر لاڪ اپ ۾ ڪو به باندي موجود نه هو. کهڙا ٿاڻي جي ايس ايڇ او علي اڪبر عالماڻي کي رڪارڊ سميت ايندڙ سومر تي سيشن ڪورٽ خيرپور جي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو ويو.