حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ڪرپشن جي خاتمي واري خاص عدالت ايم ڊي سائيٽ ڪراچي ۽ ٽريٽمينٽ پلانٽ جي ڊپٽي پروجيڪٽ عملدار جي عبوري ضمانت رد ڪري ڇڏي، ضمانت رد ٿيڻ بعد ٻئي ڄڻا عدالت مان کسڪي ويا، ٻڌايو پيو وڃي ته اينٽي ڪرپشن سرڪل پوليس ڄامشورو پاران داخل ڪرائيم نمبر 2019/18 واري ڪرپشن ڪيس مان ايم ڊي سائيٽ لميٽڊ ڪراچي عبدالرشيد سولنگي ۽ سي اي ٽي پي پروجيڪٽ جي ڊپٽي پروجيڪٽ عملدار آغا عبدالمنيم مغل ڪجهه ڏينهن اڳ عبوري ضمانت لاءِ درخواست داخل ڪرائي هئي، ابتدائي طور عدالت ٻنهي جوابدارن جي عبوري ضمانت منظور ڪئي هئي، ضمانت پڪي ڪرائڻ لاءِ ٻيهر جوابدار عدالت ۾ پيش ٿيا، عدالت وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد ٻنهي ڄڻن جي ضمانت پڪي ڪرڻ بدران عبوري ضمانت به رد ڪرڻ جو حڪم ڏنو، ضمانت رد ٿيڻ بعد ٻئي عملدار عدالتي احاطي مان کسڪي ويا، ٻنهي عملدارن خلاف اينٽي ڪرپشن سرڪل پوليس ڄامشورو 2019ع دوران ڪرپشن جو ڪيس داخل ڪيو هو، جنهن ۾ پوليس ڄاڻايو هو ته جوابدارن ڄاڻايل پروجيڪٽ ۾ 78.280 ملين رپيا ڪرپشن ڪئي آهي. جوابدار لاڳيتو ڪيس ۾ روپوش هئا. ڪجهه ڏينهن اڳ عبوري ضمانت لاءِ عدالت سان رجوع ڪيو هو.