حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ قتل ڪيس ۾ عمر قيد جي سزا ٻڌايل 2 جوابدارن جي سزا وارو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي کين بري ڪري ڇڏيو آهي، جوابدار يوسف غوري ۽ محمد عرفان ملڪ کي سيونٿ ايڊيشنل سيشن جج جولاءِ 2014ع ۾ نوجوان جي قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي عمر قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي هئي، جوابدارن سزا خلاف پنهنجي وڪيل محمد وارث کيبر معرفت عدالت ۾ اپيل داخل ڪئي، جسٽس محمد سليم جيسر تي مشتمل سنگل بئنچ اپيل تي ٻڌڻي ڪئي، ٻڌڻي دوران جوابدارن جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته نوجوان نور حڪيم پٺاڻ کي 22 نومبر 2008ع ۾ قتل ڪيو ويو، سندس واقعي جو ڪيس هٽڙي ٿاڻي جي پوليس اڻڄاتل جوابدارن خلاف داخل ڪيو، بعد ۾ 5 مارچ 2009ع دوران هٽڙي ٿاڻي جي اڳوڻي پوليس عملدارن اي ايس آءِ محمد ڇٽل ۽ غلام نبي ميمڻ بيگناهه ٻن نوجوانن يوسف غوري پٺاڻ ۽ محمد عرفان ملڪ کي گرفتار ڪيو ۽ سندن گرفتاري ڄاڻايل قتل ڪيس ۾ ظاهر ڪري ڇڏي، وڪيل عدالت کي اهو به ٻڌايو ته مقتول جو موت پسٽل جون گوليون لڳڻ سبب ڄاڻايو ويو پر واردات ۾ استعمال ٿيندڙ هٿيار به پوليس ٽرائل دوران عدالت ۾ پيش نه ڪري سگهي، عدالت وڪيل جا دليل ٻڌڻ بعد جوابدارن کي آيل سزا وارو فيصلو 7 سالن بعد ڪالعدم قرار ڏيندي کين بري ڪري ڇڏيو آهي.