ٽنڊوباگو (ن پ ا) ٽنڊوباگو لڳ ڳوٺ محرم ملاح ۾ نوجوان ناريءَ سان لڄالٽ جو عدالت جي حڪم بعد ٽنڊوباگو ٿاڻي تي ڪيس داخل، جوابدار گرفتار نه ٿيو. خبر موجب ٽنڊوباگو- تلهار روڊ تي ڳوٺ محرم ملاح جي رهواسي صالح ملاح سيشن ڪورٽ بدين ۾ درخواست داخل ڪئي هئي ته جوابدار براديو ملاح سندس نياڻي شبانا ملاح سان لڄالٽ ڪئي آهي. اهڙي دانهن ٽنڊوباگو ٿاڻي تي ڏني پر پوليس اين سي داخل ڪري روانو ڪري ڇڏيو ۽ جوابدار کي گرفتار نٿي ڪري. ان تي عدالت پاران جاري ڪيل حڪم کانپوءِ گذريل ڏينهن ٽنڊوباگو ٿاڻي تي متاثر ناري شبانا ملاح جي والد صالح ملاح جي فرياد تي جوابدار براديو ملاح تي ايف آءِ آر نمبر 26/2021 قلم 376،338 تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته الزام هيٺ آيل جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيو آهي. رابطو ڪرڻ تي ٽنڊوباگو پوليس ٻڌايو ته جوابدار کي جلد گرفتار ڪيو ويندو.