تنگواڻي: قتل ٿيل نوجوان جو لاش رکي ڌرڻو، ٽريفڪ معطل

0
346

تنگواڻي ويجهو گذريل ڏينهن قتل ٿيل نوجوان جي وارثن ٺل_ ڪنڌڪوٽ انڊس هاءِ وي تي ڌرڻوهنيو ويو آهي، مجيب الرحمان بکراڻي جي وارثن لاش رکي عورتن ۽ ٻارڙن سميت ڌرڻو هنيو جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي، مقتول جي وارثن جو چوڻ آهي ته پوليس جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪرڻ بدران ساڻن ٻٽ بڻيل آهي، قاتلن کي گرفتار ڪري انصا فراهم ڪيو وڃي، نه ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو..