تعليمي ادارا بند نه ٿيندا: اين سي او سي جي ترديد

0
220

ڪراچي(م ڊ) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر( ان سي او سي ) سوشل ميڊيا تي تعليمي ادارن جي بندش بابت افواهن جي سختيءَ سان ترديد ڪئي آهي.

اين سي او سي موجب ملڪ ۾ 6 کان 30 سيپٽمبر تعليمي ادارن جي بندش جي ڳالهين ۾ ڪا به صداقت نه آهي ۽ اين سي او سي جي اجلاس ۾ اهڙو ڪو به فيصلو ناهي ٿيو.

ياد رهي ته گذريل ڏينهن ۾ سوشل ميڊيا تي خبرون هلن پيون ته ملڪ ۾ 6 سيپٽمبر کان 30 سيپٽمبر تائين تعليمي ادارا بند رکيا ويندا.