طالبان انساني بنيادن تي بين الاقوامي امداد جي اپيل ڪري ڇڏي

0
290
طالبان انساني بنيادن تي

ڪراچي(م ڊ) طالبان ڪابل ۾ انساني بنيادن تي بين الاقوامي امداد جي اپيل ڪري ڇڏي.

طالبان ترجمان ذبيح الله مجاهد جو چوڻ آهي ته بين الاقوامي امداد جي ضروت آهي، پر امداد شرطن کان پاڪ هجڻ گهرجي.

ٻئي پاسي طالبان جو ڪنٽرول سنڀالڻ کانپوءِ افغانستان ۾ يونيورسٽيز ۽ تعليمي ادارا ٻيهر کلي ويا تدريسي جو عمل جاري آهي.

ڪابل، قنڌار ۽ هرات ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي الڳ ڪلاسز ۾ پڙهائڻ يا ڪيمپس جي مخصوص هنڌن تائين محدود ڪرڻ جا اطلاع آهن، جڏهن ته ڪجهه ڪلاسز ۾ شاگرد ۽ شاگردياڻين جي وچ ۾ پردو به لڳايو ويو آهي، جنهن جون تصويرون ٿي رهيون آهن.

ھي به پڙھندا

پنجشير ۾ مزاحمتي فورس جي ڪمانڊر ۽ ٻين جي مارجڻ جي تصديق