اسلام آباد (م ڊ) ڪرپشن جي خاتمي واري تنظيم ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل پاڪستان تربيلا ڊيم جي سرنگ نمبر 4 واري رٿا ۾ 100 ارب رپين جو نقصان ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. تنظيم جو چوڻ آهي ته ڏيڍ سال کان ان حوالي سان قومي اقتصادي ڪائونسل جي ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي ايڪنڪ جي فيصلن تي عمل نه پيو ٿئي، ان اداري تفصيلي پرفارمنس آڊٽ 60 ڏينهن ۾ مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. تنظيم جي نائب چيئرپرسن ناصره اقبال مطالبو ڪيو آهي ته نقصان ڪندڙ ماڻهن جو احتساب ڪيو وڃي.