لاهور/ اسلام آباد (بيورورپورٽ) جوهر ٽائون ڌماڪي جي 10 کان وڌيڪ شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان سي ٽي ڊي ذريعن موجب جوهر ٽائون ڌماڪي کان پوءِ پنجاب جي مختلف شهرن ۾ سرچ آپريشن ڪيو ويو ۽ ڌماڪي ۾ ملوث ماڻهن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ وڌيڪ سرچ آپريشن به جاري رهندو. رات دير تائين ڪيل سرچ آپريشن دوران 10 کان وڌيڪ شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو. علامه اقبال انٽرنيشنل ايئرپورٽ تان به هڪ شڪي شخص کي گرفتار ڪيو ويو جيڪو گوجرانوالا جو رهواسي آهي ۽ جهاز ذريعي لاهور کان ڪراچي فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. شڪي شخص کي اڏام مان آف لوڊ ڪري حساس ادارن گرفتار ڪري ورتو. جڏهن ته مذڪوره شخص کي جاچ جي لاءِ نامعلوم هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي جتي ان کان ڌماڪي بابت پڇاڳاڇا ڪئي پئي وڃي. سي ٽي ڊي ذريعن موجب ڌماڪي ۾ استعمال ٿيل گاڏي بابو صابو چيڪ پوسٽ مان گذريل ڏينهن داخل ٿي هئي ۽ گاڏي جي چيڪنگ به ڪئي وئي، ان وقت ان ۾ بارود پيل نه هو گاڏي جو پوليس پاران چيڪنگ جي باوجود ڌماڪي ۾ استعمال ٿيڻ ۽ بارود رکجڻ سواليه نشان آهي. هوڏانهن ذريعن موجب جوهر ٽائون ڌماڪي ۾ 15 کان 20 ڪلو ڌماڪيدار مواد استعمال ڪيو ويو. ٻئي طرف وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته پنجاب پوليس جوهر ٽائون ڌماڪي جي جاچ ۾ زبردست ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آهي. پوليس جوابدارن جي ويجهو پهچي چڪي آهي. پنجاب پوليس جلد جوابدارن کي گرفتار ڪري عوام کي سٺي خبر ٻڌائيندي افغانستان بارڊر تي اسان 86 سيڪڙو ۽ ايران بارڊر تي 46 سيڪڙو فينسنگ ٿي وئي آهي. پاڪستان ڪڏهن به ڪنهن جي دٻاءُ ۾ نه ايندو. جيڪي ماڻهو ملڪ ۾ انتشار پکيڙي پاڪستان کي دٻاءُ ۾ آڻڻ چاهين ٿا اهي ناڪام ويندا. گهرو وزير چيو ته وزيراعظم عمران خان جي حڪومت ۾ سياسي ۽ معاشي استحڪام آيو آهي. پاڪستان جي دشمنن کي اها ڳالهه نٿي وڻي. دشمنن دهشتگردي واري رستي تي هلڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي جنهن ۾ هو ناڪام ويندا. هن چيو ته ملڪ ۾ وڌيڪ واقعن جو خطرو آهي ڪراچي مان را جو ايجنٽ پڪڙيو آهي، ايڪڙ ٻيڪڙ واردات ٿي ته ان تي ڪنٽرول ڪبو، سٺيو خبرون اينديون.