ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي سول سوسائٽي وزيراعظم عمران خان کان معافي جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته وزيراعظم پاران عورتن جي لباس بابت ڏنل بيان سان ملڪ ۾ جنسي تشدد جا واقعا وڌي سگهن ٿا، ڪالهه پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ذريعي نامياري نرتڪي شيما ڪرماني، اسد اقبال بٽ، زهره خان، ملڪه خان، ڪرامت علي ۽ ٻين وزيراعظم خلاف سڀاڻي ڪراچي پريس ڪلب آڏو مظاهري جو اعلان ڪندي چيو ته جنهن ملڪ جو وزيراعظم اهڙيون ڳالهيون ڪري، انهي ملڪ جون عورتون ۽ ٻار پاڻ کي ڪيئن محفوظ سمجهندا؟ وزيراعظم جو بيان ئي ملڪي پاليسي هوندو آهي پر اها اسانجي ملڪ جي پاليسي ناهي، وزيراعظم جي بيان بعد جنسي ڏاڍائي ۽ هراسمينٽ جا واقعا وڌي سگهن ٿا، انهي ڪري وزيراعظم قوم کان معافي گهري استيعفا ڏئي،