بڪيراشريف (ن پ ا) بڪيراشريف پوليس جي گشت دوران داد خان جروار موري وٽان مختلف ٿاڻن تي گهربل اشتهاري ڏوهاري نثار ماڇي کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، ايس ايڇ او عبدالله ٻرڙو موجب گشت دوران نثار ماڇي کي گرفتار ڪري هڪ پستول ۽ 5 ڪارتوس هٿ ڪيا آهن، پوليس موجب جوابدار مختلف ٿاڻن تي ڪيسن ۾ گهربل هو.