سکر (رپورٽ: فاروق سومرو) سکر جي بنيادي مسئلن پيئڻ جي صاف پاڻي، ڊرينيج نظام، روڊن رستن جي تباھ حالي توڙي ٻين مسئلن جي حل لاءِ سکر ڊيويلپمنٽ الائنس پاران چيئرمين محمد جاويد ميمڻ جي اڳواڻيءَ ۾ جامع غوثيه مسجد ڪپڙا مارڪيٽ کان ريلي ڪڍي گهنٽا گهر چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيون ويو، ان موقعي تي محمد چمن زمان قادري، عيدن جاگيراڻي، غلام مصطفيٰ ڦلپوٽو، محمد رضوان قادري، عبدالقادر شيواني، شاهه محمد انڍهڙ، شهزادو ڀٽو، حاجي محمد جاويد ميمڻ ۽ ٻين دانهيندي چيو ته چونڊيل نمائندن جي لاپرواهي سبب شهر کنڊر بڻجي چڪو آهي، اربين رپين جي خطير رقم خرچ ٿيڻ باوجود به شهري پيئڻ جي صاف پاڻي کان محروم آهن، گند ڪچري جي ڍيرن ۽ مفلوج نڪاسي نظام شهرين جي زندگي عذاب بڻائي ڇڏي آهي، هڪ پاسي بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ته وري ٻئي پاسي ڳري رقم جي ناجائز ڊيڊيڪشن شهرين کي ٻٽي عذاب ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي، شڪايتن باوجود ڪير دانهن ٻڌڻ وارو ناهي، اڳواڻن چيو ته ميونسپل ڪارپوريشن شهرين جا مسئلا حل ڪرڻ جي بدران واپارين تي ٽريڊ لائسنس فيس لاڳو ڪئي آهي جنهن کي ڪنهن به صورت قبول نه ڪنداسين، هنن هنن چتاءٌ ڏيندي چيو ته جيڪڏهن هاڻ به چونڊيل نمائندن ۽ آفيسرن شهري جي وڌندڙ مسئلن کي حل نه ڪيو ته پوءِ اسان پنهنجي احتجاج جو دائرو وسيع ڪندي چونڊيل نمائندن جي گهرن ۽ آفيسرن جي آفيسن جو گهيراءُ پڻ ڪنداسين.