سنڌ حڪومت پاران گجر ۽ اورنگي نالي جي متاثرن کي 80 گز جا پلاٽ ڏيڻ جو اعلان

0
243
جاهل اپوزيشن سان پلئه پيو آهي، ھُنن کي لسانيت ڦهلائڻ وارا بيان ڏيڻ کان روڪيو هو: وڏو وزير
جاهل اپوزيشن سان پلئه پيو آهي، ھُنن کي لسانيت ڦهلائڻ وارا بيان ڏيڻ کان روڪيو هو: وڏو وزير

ڪراچي: سنڌ حڪومت پاران گجر ۽ اورنگي نالي جي متاثرن کي 80 گز جا پلاٽ ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت اهو فيصلو ڪيو آهي ايم ڊي سي ۽ ايل ڊي اي جي ساڍا 6 هزار ايڪڙ زمين موجود آهي، گجر ۽ اورنگي نالي جي متاثرين کي ايل ڊي اي جي اسڪيم 42 ۽ايم ڊي اي جي تيسر ٽائون ۾ 80 گز جا پلاٽ ڏنا ويندا. هن وڌيڪ چيو ته برسات دوران ليفٽ بينڪ ۾ جيڪا تباهي ٿي آهي، ان لاءِ به 10 ارب رپيا ڏيڻ لاءِ سڀاڻي سپريم ڪورٽ ۾ درخواست ڏينداسين.