سنڌ ۾ برساتن بعد گيسٽرو وبائي صورت اختيار ڪري ورتي

0
187
بلوچستان جي ٻوڏ

سنڌ جي مختلف علائقن ۾ برساتن بعد گئسٽرو وبائي صورت اختيار ڪري ورتي آهي، معصوم ٻارڙا بيماري ۾ وٺجي رهيا آهن

نئون ديرو ۾ هڪ ڏينهن اندر ٻارن سوڌو 100 کان وڌيڪ ماڻهو گئسٽرو ۾ مبتلا ٿيڻ سبب اسپتال ڀيڙا ٿي ويا آهن، جڏهن ته ڳوٺ صلاح جي وانڍ ۾ نينگر غلام علي گئسٽرو وگهي فوت ٿي ويو

گُپچاڻي لڳ 3 سالن جو نازڪ گُپچاڻي گئسٽرو وگهي حياتي وڃائي ويٺو، ڪيترائي ٻارڙا اسپتال ڀيڙا ٿي  ويا آهن

ٽنڊو ڄام ۾ وڌيڪ 50 ٻارڙا گئسٽرو ۾ وڪوڙجي ويا، خيرپور ۾ 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 70 ٻارڙا گئسٽرو ۾ مبتلا ٿي ويا آهن

صحت کاتي جون ٽيمون گئسٽرو تي ڪنٽرول لاءِ حرڪت ۾ نه آيون، گئسٽرو جي مريضن ۽ وارثن طرفان اسپتالن ۾ علاج جون سهولتون نه هجڻ جون دانهون ڪيون پيون وڃن

ٻئي پاسي بلوچستان جي ٻوڏ سٽيل علائقي ۾ 2 معصوم ڀائر فوت ٿي ويا، گھر ۾ قھرام مچي ويو، بلوچستان جي علائقي باريجا ۾ گيسٽرو وگهي ٻارڙو فوت ٿي ويو، صدمي ۾ سندس ڀاءُ به دم ڏئي ڇڏيو

ٻوڏ هيٺ آيل ڳوٺ باريجا  ۾ 6 ورهين جو ساحل پٽ نادر کوسو گيسٽرو وگهي فوت ٿي ويو، ٻارڙَي جي فوت ٿيڻ سبب گهر ۾ ڪهرام مچي ويو، صدمي ۾ سندس 8 ورهين جو ڀاءُ سهيل کوسو به دم ڏئي ڇڏيو

ڳوٺاڻن جو چوڻ آھي تھ ڳوٺ ۾ ٻوڏ جي پاڻي سبب مختلف بيماريون ڪر کڻي رهيون آهن، نوٽيس ورتو وڃي

ھي به پڙھندا

بلوچستان ۾ برسات ۽ پاڻي جي وڏن وهڪرن تباهي ڪري ڇڏي