بلوچستان ۾ برسات ۽ پاڻي جي وڏن وهڪرن تباهي ڪري ڇڏي

0
238
بلوچستان ۾ برسات ۽ پاڻي

اسلام آباد: بلوچستان ۾ برسات ۽ پاڻي جي وڏن وهڪرن تباهي ڪري ڇڏي، بلوچستان جو سنڌ سان چئن ڏينهن کان زميني رابطو ڪاٽا، ڪوئيٽا–ڪراچي شاهراهه به مختلف هنڌن تي پُليون ٽٽڻ سبب آچر تائين بند ڪيل آھي

 لسٻيلي جي علائقي اوٿل ۾ پاڻي جي وهڪرن ۾ لڙهي ويل 4 ڄڻن جا لاش هٿ ڪيا ويا، فوتين ۾ 2 ٻار ۽ هڪ عورت شامل آھي،  بلوچستان ۾ رستا ۽ پُليون ٽٽڻ جي نتيجي ۾ ڪيترن ئي ڳوٺن جو پاڻ ۾ زميني رابطو ڪاٽا، مختلف علائقن ۾ گاڏيون بيهجي وڃڻ سبب مسافر پريشانين ۾ وٺجي ويا

وزيراعظم ملڪ ۾ برساتن دوران ٿيل نقصان جي سروي لاءِ وفاقي وزيرن جي ڪميٽي جوڙي ڇڏيعدالتي سڌارن بابت پارلياماني

ٻئي پاسي وزيراعظم ملڪ ۾ برساتن دوران ٿيل نقصان جي سروي لاءِ وفاقي وزيرن جي ڪميٽي جوڙي ڇڏي، وزيرن کي برسات متاثر علائقن جا دورا ڪري 4 ڏينهن ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آھي

برساتن سبب ٿيل نقصان جي جائزي لاءِ اجلاس دوران وزيراعظم چيو آهي ته ڪميٽي جي سفارشن تحت جامع پلان جوڙيو ويندو، متاثرن ۽ زخمين لاءِ امداد 50 هزار مان وڌائي 5 لک رُپيا ڪئي ويندي، ڪچن ۽ پڪن گهرن جي ڪيٽيگري ختم ڪري سمورن متاثرن کي هڪ جهڙي امداد ڏيڻ گهرجي

وفاقي سرڪار قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ صوبن سان ڀرپور سهڪار ڪندي، عالمي امدادي ادارن سان رابطا ڪري مالي مدد وٺڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي، برساتن سبب تباهه ٿيل انفرا اسٽرڪچر جي بحالي لاءِ سُپريم ڪورٽ ۾ موجود فنڊز وٺڻ بابت وفاقي سرڪار عدالت کي خط لکندي

ھي به پڙھندا

برساتن سبب سنڌو درياءَ ۾ چاڙهه: وڏي ٻوڏ جي وارننگ