ڪوئيٽا (م ڊ) بلوچستان جي واپارين حڪومت پاران لاڪ ڊائون جو فيصلو رد ڪندي اڄ وزيراعليٰ هائوس آڏو ڌرڻو هڻڻ جو اعلان ڪيو آهي. ڪوئيٽا پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي واپاري اڳواڻن چيو ته حڪومت جو رمضان جي آخري ڏهاڙن ۾ لاڪ ڊائون لاڳو ڪرڻ وارو فيصلو ظالماڻو آهي ان سان اسان کي مالي نقصان ٿيندو. هنن چيو ته واپارين کي ٽن ڏينهن تائين مڪمل ڪاروبار ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي، حڪومتي فيصلي خلاف اڄ سومر جي ڏينهن وزيراعليٰ هائوس آڏو ڌرڻو هنيو ويندو. واضح رهي ته حڪومت 8 کان 16 مئي تائين صوبي ۾ مڪمل لاڪ ڊائون جو اعلان ڪيو آهي.