بلاول ڪاڪا جو قتل ۽ ڪجهه رهجي ويل سوال

0
191
بلاول ڪاڪا جو قتل ۽ ڪجهه رهجي ويل سوال

نوجوان بلاول ڪاڪا جي قتل واري واقعي ڪراچي کان ڪشمور تائين سنڌ کي گڏ ڪري ڇڏيو آهي ۽ سنڌ واسي ٻڌي ۽ ايڪي جو مظاهرو ڪندي واقعي ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ سراپا احتجاج بڻجي ويا آهن. قاسم آباد جي واڌو واهه باءِ پاس وٽ نيو سلاطين هوٽل تي دوستن سان ماني کائڻ لاءِ آيل نيو سعيد آباد سان تعلق رکندڙ نوجوان بلاول ڪاڪا کي معمولي ڳالهه تان هوٽل مالڪ، سندس پٽن ۽ ٻين مائٽن بيدردي سان تشدد جو نشانو بڻائي قتل ڪيو. ڪراچي ۾ ارشاد رانجهاڻي جي قتل کانپوءِ سنڌ ۾ اهڙي قسم جو ٻيو واقعو حيدرآباد ۾ ٿيو آهي جنهن سبب سموري سنڌ اڃا تائين سوڳ ۾ ورتل آهي. هر پاسي بلاول ڪاڪا جي وحشياڻي قتل تي سنڌ واسي پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائي سنڌ حڪومت کان مطالبو پيا ڪن ته ڌارين خاص ڪري افغاني يلغار کي روڪي انهن کي سنڌ مان نيڪالي ڏني وڃي.

 بلاول ڪاڪا جي قتل ۾ شروع کان هيستائين پوليس لاپرواهي جا نوان رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيا آهن ڇاڪاڻ ته جنهن مهل اهو واقعو ٿيو ان مهل ڀٽائي نگر ۽ نسيم نگر ٿاڻي جون 2 پوليس موبائيلون واقعي واري هنڌ موجود هيون جن ۾ موجود اي ايس آءِ سميت 7 اهلڪارن جهيڙي کي ٽارڻ بدران آرام سان بيهي تماشو ڏٺو. سومر ۽ اڱاري جي وچ واري رات 3 وڳي ڌاري واقعو پيش آيو پر پوليس صبح تائين واقعي کان لاعلمي جو اظهار ڪندي رهي ۽ ٻيو ته ٺهيو پر نوجوان جو لاش وارثن پاران اسپتال منتقل ڪرڻ باوجود سندس لاش جو پوسٽ مارٽم نه ڪرايو ويو جنهن بعد سندس وارث ٻيهر لاش سعيد آباد مان کڻي پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال پهتا جتي پوسٽ مارٽم بعد بلاول ڪاڪا جو لاش قومي شاهراهه تي رکي ڌرڻو هنيو. ڌرڻي ۾ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، بلاول ڪاڪا جي ڀاءُ سلام ڪاڪا پنهنجي امڙ سميت شرڪت ڪئي. جنهن بعد ايس ايس پي امجد شيخ معاملي جو نوٽيس وٺندي ڪيس داخل ڪرڻ ۽ واقعي مهل تماشائي بڻيل اي ايس آءِ ۽ اهلڪارن کي معطل ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ڌرڻو ختم ٿيڻ بعد لاش سعيد آباد پهچايو ويو جتي سندس تدفين ڪئي وئي.

جيتوڻيڪ حيدرآباد سميت سنڌ جي مڙني ضلعن ۾ افغاني پناهگيرن جي يلغار موجود آهي جن کي هيستائين سنڌ واسين پاران ڪنهن قسم جو جاني توڙي مالي نقصان نه پهچايو ويو آهي پر هو هاڻي سنڌ ۾ ڪاروبار ڪرڻ سان گڏ نوجوانن کي بيدردي سان قتل به پيا ڪن. مختلف وقتن تي ڪراچي، حيدرآباد سميت ٻين شهرن ۾ افغانين هٿان ڪيترائي نوجوان بيدردي سان قتل ٿيا آهن پر انهن واقعن جي اثرائتي جاچ ناهي ٿي جنهن ڪري واقعا رڪجڻ بدران تيزي سان وڌي رهيا آهن. ٿوري دير لاءِ اها ڳالهه به کڻي تسليم ڪجي ته بلاول ڪاڪا ۽ سندس دوستن جي هوٽل جي ويٽر يا مالڪ سان کڻي منهن ماري ٿي هجي پر ان جو اهو مطلب نه آهي ته هو معمولي ڳالهه کي انا جو مسئلو بڻائي بدترين تشدد ڪري نوجوان کي قتل ڪن ان لاءِ حيدرآباد جي ايس ايس پي امجد شيخ کي گهرجي ته هو بلاول ڪاڪا جي قتل ڪيس ۾ نامزد سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪري ڪيفر ڪردار تائين پهچائي. ڇاڪاڻ ته ايس ايس پي ڌرڻي دوران وارثن کي خاطري ڪرائي هئي ته سندن مرضي موجب ڪيس داخل ڪرڻ بعد سمورا جوابدار قانون جي ڪٽهڙي ۾ هوندا. هاڻي ڏسڻو آهي ته حيدرآباد پوليس بيگناهه قتل ٿيل نوجوان جي خون سان ڪهڙو ٿي انصاف ڪري.