ڪنوار شاديءَ کان اڳ گهوٽ کان معاهدو سائن ڪرائي ڇڏيو

0
696
ڪنوار شاديءَ کان اڳ

ممبئي (انٽرسٽنگ نيوز) سوشل ميڊيا تي مختلف پليٽ فارمز تي ڀارتي رياست آسام مان هڪ شادي جي وڊيو وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ ڪنوار شاديءَ جي ڏينهن گهوٽ کان ڪانٽريڪٽ سائن ڪرائي ڄاڃين سميت سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو

وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي ۽ هن وقت تائين 18 لک کان وڌيڪ ماڻهو وڊيو ڏسي چڪا آهن. ڪنوار گهوٽ کي چوي ٿي ته اهو هڪ وڏي شيٽ تي لڪيل هڪ خاص معاهدي تي صحيح ڪري جنهن ۾ اهي واعدا شامل هئا جيڪي گهوٽ کي شاديءَ کان پوءِ نڀائڻا پوندا

قسم نامي ۾ پهرين شرط اها هئي ته گهوٽ ڪنوار کي هميشه خوش رکندو ۽ مهيني ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڀيرو پيزا ضرور کارائيندو. ٻي شرط هئي ته گهر جو کاڌو کائڻ جو جواب صرف ها ۾ هوندو ۽ رات جو دير تائين پارٽي ۾ رهڻ جي اجازت صرف گهر واريءَ سان گڏ هوندي

ٻين واعدن ۾ ڪنوار کي هر 15 ڏينهن کانپوءِ خريداري لاءِ وٺي وڃڻ ۽ پارٽين ۾ هن جون سٺيون تصويرون وٺڻ شامل هو، معاهدي ۾ هڪ ٻي شرط جو ذڪر آهي ته گهوٽ کي آچر ڏينهن ناشتو ٺاهڻو پوندو