ڪيف(م ڊ) برطانيا جو وزيراعظم رشي سونڪ اوچتي دوري تي يوڪرين پهچي ويو. هن يوڪرين جي صدر وولوديمير زيلنسڪي سان ملاقات ڪئي ۽ هن روس جي خالي ڪيل شهر خيرسن جو دورو ڪيو. ٻئي طرف آمريڪي بچاءُ وزير لائڊ آسٽن چيو آهي ته يوڪرين جي مدد ڪرڻ ۾ ناڪام وياسين ته دنيا م ڏڦيڙ پکڙجي ويندو. يوڪرين جي صدر زيلنسڪي اهي اطلاع رد ڪري ڇڏيا آهن ته يوڪرين روس سان ٿوري عرصي جي جنگبندي لاءِ تيار آهي. اسان غيرمشروط ڳالهين لاءِ تيار آهيون پر اسان کي خبر ناهي ته روس جنگبندي ڪرڻ چاهي ٿو يا نه.