بخشاپور (ن پ ا) بخشاپور پوليس ٺل سان تعلق رکندڙ مغوي کي اغوا ٿيڻ کان بچائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. پوليس موجب ٺل شهر جو رهواسي حافظ قران عبدالعزيز کوسو عورتاڻي آواز تي هرکجي ڪچي وڃي رهيو هو جنهن کي انڌي ڦاٽڪ ڀرسان ڪارروائي ڪري بچايو ويو. پوليس موجب نوجوان کي شر گينگ سان تعلق رکندڙ راحب شر عورتاڻي آواز تي ڪچي گهرائي اغوا ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو هو.