سيوهڻ (ن پ ا) سيوھڻ ۾ ھڪ خانگي اسڪول پيراڊائيز پبلڪ هاءِ اسڪول جي مالڪ غربت سبب اسڪول جي في ادا نه ڪري سگھندڙ چئن معصوم ٻارڙن کي دڙڪا ڏئي ڪڍي ڇڏيو. معصوم ٻارڙا روئيندي گھر پھتا جنهن بعد ٻارڙن جي پورھيت پيء خدا بخش بلوچ معصوم ٻارڙن سان گڏ سيوهڻ پريس ڪلب پهچي اسڪول انتظاميا خلاف دانهيندي چيو ته منھنجا چار ٻار فاطمه، ڪلثوم، ريان ۽ عادل بلوچ گذريل 12 سالن کان سيوھڻ جي مڪراني محلا پاڙي جي ھڪ خانگي اسڪول ۾ پڙھندا آھن آء ڪورونا جي پھرين لھر اچڻ وقت مڪمل لاڪ ڊائون ھجڻ ۽ بي روزگاري سبب 5 ھزار رپيا اسڪول جي فيس ادا نه ڪري سگهيس جنهن جي ڪري اڄ ھلندڙ امتحان دوران اسڪول انتظاميا منهنجي ٻارڙن کي اسڪول مان بيدخل ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته مون ڪيترائي ڀيرا مالڪ کي چيو ته مونکي سرٽيفڪيٽ ڪڍي ڏيو ته مان پنھنجا ٻار سرڪاري اسڪول ۾ داخل ڪرايان پر اسڪول انتظاميا چوي ٿي ته رھيل فيس ادا ڪيو ته پوءِ اوھان کي سرٽيفڪيٽ ڪڍي ڏينداسين جنھن جي ڪري معصوم ٻارڙن جو سال ضايع ٿيڻ جو خدشو پيدا ٿي ويو آهي. متاثر شھري تعليم کاتي جي صوبائي وزير، ڊي سي ڄامشورو، ڊي اي او تعليم سميت ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو آهي ته معاملي جو نوٽيس وٺي سندس معصوم ٻارڙن جي تعليم بچائي وڃي ۽ اسڪول جي انتظاميا خلاف قانوني ڪارروائي ڪري ڪيترن ئي ٻارڙن سان ٿيندڙ زيادتين جو ازالو ڪيو وڃي.