بحراني حڪومت جو اٺ ڪهڙي پاسي ليٽندو؟

0
150
مها-ٻوڏ-کي-منهن-ڏيندڙ-سنڌ-۽-وارننگ-جاري

  اقتداري سياست جون ڳالهيون هاڻي ته اڪثر  بند ڪمرن ۽ ڊرائنگ رومز ۾ طئه ٿينديون آهن، جتي ڪجهه پرده نشين به شرڪت ڪندا ۽ صلاح مشورا ڏيندا رهندا آهن. انهن بند ڪمرن اجلاسن ۾ جڏهن فيصلا هڪ صلاح سان نه ٿي سگهندا آهن ته پوءِ سياسي اڳواڻ اهي ڳالهيون جلسن ۾ کلي عام ڪري هڪٻئي کي متاثر ڪرڻ يا طنز ڪري چيڙائڻ شروع ڪندا آهن. توهان کي ياد هوندو ته اڳوڻو وزيراعظم وڏي فخر سان چوندو هو ته جنرل باجوه کيس منع ڪئي آهي ته مولانا فضل الرحمان کي هو ڊيزل نه چئي. هاڻي جڏهن اقتدار ۾ ناهي ته  پهريان چيائين ته جيئن سراج الدوله جو سپهه سالار مير جعفر غداري ڪئي تيئن سندس حڪومت جي خاتمي ۾ مير جعفر جو ڪردار آهي. جڏهن کيس بند ڪمري وارن ياد ڏياريو ته اها ڳالهه ٻاهر جلسي ۾ نه هئي ڪرڻي ته هن وري ٻئي جلسي ۾ وضاحت ڪئي ته هن مير جعفر هاڻوڪي وزيراعظم شهباز شريف لاءِ چيو هو. وري ٻئي جلسي ۾ چيائين ته اڃان به ڪيترائي مير جعفر آهن جن جا نالا وقت اچڻ تي وٺندس. سندس اهڙن ڌمڪين وارن بيانن سبب هاڻي ته اهي ادارا به پنهنجا فيصلا تبديل ڪري رهيا آهن جن بابت عمران خان جي ٽيم نئون لفظ نيوٽرل ايجاد ڪيو آهي. ان کان اڳ ۾ انهن کي  سليڪٽر چيو ويندو هو ۽ ان کان به اڳ انهن کي خلائي مخلوق سڏيو ويندو هو پر هاڻي ڏسجي ته اڳتي هلي انهن مٿان ڪهڙو نالو پئجي ٿو.؟ سو ڳالهه پئي هلي ته جڏهن بند ڪمرن وارن اجلاسن ۾ فيصلن تي اتفاق نه ٿيندو آهي تڏهن ئي سياسي اڳواڻ پنهنجا خيال عام خلق يعني پنهنجي ورڪرن تائين کڻي ايندا آهن ته ايئن نه ٿئي سڀاڻي ڪا اهڙي ڳالهه ٿي پئي ۽ سندن ورڪر ذهني طور تيار نه هجن.

ان حوالي سان مريم نواز جو ڳالهه رکڻ جو انداز باقي سمورن اڳواڻن کان مختلف ۽ اثرائتو رهيو آهي.هن گذريل ڏينهن پنهنجي پارٽي جلسي ۾ کلي عام اها ڳالهه رکي جيڪا سندس ئي پارٽي جو سينيئر اڳواڻ خواجه آصف بهتر نموني نه رکي سگهيو هو.مريم نواز چيو ته ملڪي معيشت تمام خراب حالت ۾ پئي آهي.عمران خان جيڪو پنهنجي حڪومت ۾ گند ڪري ويو اهو صاف ڪرڻ يعني مهانگائي جو طوفان آڻڻ کان بهتر ناهي اسان حڪومت ڇڏي گهر هليا وڃون. هن عوام کان پڻ ريفرنڊم انداز ۾ پڇيو ته اهڙي حڪومت ۾ رهڻ گهرجي يا ڇڏڻ گهرجي. مريم نواز جيڪا ڳالهه جلسي ۾ ڪئي آهي سا ڳالهه گذريل ڪجهه هفتن کان  لاهور اسلام آباد پنڊي کان ويندي لنڊن تائين ٿيندڙ اجلاسن ۾ بحث هيٺ رهي آهي. جنهن ۾ نواز ليگ جي مريم نواز گروپ جو وقف اهوئي رهيو آهي جنهن جو مريم ڀرئي جلسي ۾ اظهار ڪيو آهي. ان کان اڳ خواجه آصف اهڙي ڳالهه ڪئي هئي پر بي ترتيب ۽ آرمي چيف جي مقرري وغيره جي ڳالهه ڪري ان کي منجهائيندڙ بڻايو ويو هو. جنهن جي وضاحت ڪرڻ خود آصف علي زرداري پاڻ ميڊيا اڳيان آيو هو ۽ وزيراعليٰ هائوس ڪراچي ۾ صحافين اڳيان اهو واضح موقف رکيو هئائين ته اسان چند ڏينهن لاءِ نه آيا آهيون. پهريان اليڪشن سڌارا آڻينداسين ان بعد اليڪشن جو وقت جيڪو اسان مناسب سمجهنداسين سو طئه ڪنداسين.

ان ئي پريس ڪانفرنس ۾ هن کان اهي لفظ نڪري ويا هئا ته جنرل فيض ته في الحال کڏي لائين لڳل آهي جنهن جي باري ۾ فوجي ترجمان بيان جاري ڪيو هو ته سينئر آرمي آفيسرن بابت راءِ ڏيڻ مهل سياستدان محتاط رهن. ڪجهه تجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته ڳالهه اتان ئي بگڙي هئي ته پنڊي وارن چيو هنن کي جمعو جمعو اٺ ڏينهن به نه ٿيا آهن ته هي وري اسان کي ئي اکيون ڏيکارڻ لڳا آهن. شايد تڏهن ئي جنرل فيض جون سرگرميون وڌي ويون ۽ پرڏيهي خابرو ادارن موجب هو ٻن ڏينهن تائين ڪابل ۾ طالبان حڪومت سان ڳالهيون ڪندو رهيو. ڪابل ۾ ڳالهيون کڻي ڪهڙيون به ٿيون هجن پر شيخ رشيد جي دعوا آهي ته پنڊي وارن وٽ نگران حڪومتي سيٽ اپ لئه انٽرويو ٿي رهيا آهن. ان سلسلي ۾ ڪجهه صحافين پنهنجي پاران ترديدي بيان هلايا آهن پر ڊان اخبار پنهنجي ذريعن سان خبر هلائي آهي ته اڳوڻن خزاني جي وزيرن حفيظ شيخ ، شوڪت ترين ۽ اسٽيٽ بئنڪ جي اڳوڻي گورنر رضا باقر جون سينيئر فوجي قيادت سان ملاقاتون ٿي چڪيون آهن. اسلام آباد ۾ هاڻي اهي چوٻول هلي رهيا آهن ته اسٽيبلشمينٽ ترت ڪو نگران سيٽ اپ آڻڻ واري آهي. ڪجهه تجزيه نگارن جو خيال آهي ته جڏهن اسٽيبلشمينٽ کي اها خبر پئي ته زرداري شهباز ۽ سندن ٻيا اتحادي تڪڙيون چونڊون ڪرائڻ جي موڊ ۾ ناهن ۽ اليڪشن سڌارا سميت ٻيا اهم فيصلا ڪرڻ وارا آهن ته انهن ترت پنهنجون ڪوششون شروع ڪري ڏنيون. هوڏانهن سپريم ڪورٽ سميت سموريون عدالتون پڻ جاڳي پيون ۽ نيب توڙي ايف آئي اي ۾ ٿيندڙ مقررين بدلين تي پاڻ مرادو نوٽيس اچي ويو ته ٻئي طرف حمزه شهباز کي ووٽ ڏيندڙ  پي ٽي آئي جي سمورن ايم پي ايز کي ڊي نوٽيفائي ڪري هڪ نئون بحران پيدا ڪيو ويو. جنهن ڪري هاڻي هر طرف سياسي غير يقيني واري صورتحال آهي.

ملڪي اسٽيبلشمينٽ ۽  عدالتن مٿان خود عمران خان جي جلسن وارين تنقيدن جو وڏو دٻاءَ آهي. جنهن اها به ڌمڪي ڏني آهي ته نيوٽرلز جا ڪيترائي راز انهن وٽ آهن ۽ وقت اچڻ تي اهي پڌرا ڪندا. مسئلو اهو آهي ته عمران خان ڪو سرخو هجي ها ته کيس روس جو ايجنٽ قرار ڏئي گرفتار ڪرڻ سئولو ڪم هو پر هاڻي اسٽيبلشمينٽ پنهنجي سياسي ليبارٽري ۾ پيدا ڪيل پنهنجي ٽيسٽ ٽيوب اڳواڻ مان ڦاسجي وئي آهي جنهن جي شهرت اقتدار مان لهڻ بعد اڃان وڌي ٻيڻي ٿي وئي آهي. هاڻي ماڻهن کان مهانگائي وارو عمران خان وسري ويو آهي جنهن هر پندرهين ڏينهن پيٽرول مهانگو ڪري ملڪ ۾ هر شيءَ مهانگي ڪري ڇڏي هئي ۽ ماڻهو انصاف واري عمران خان بدران انهن اڳواڻن کي ياد ڪري رهيا هئا جن کي هو چور چوندو هو. ماڻهن کي ته ان وقت اهي چور به سٺا لڳي رهيا هئا جيڪي پيٽرول ته عمران کان سستو ڏئي رهيا هئا. پر هاڻي جڏهن حڪومت جون واڳون شهباز شريف جي هٿ ۾ آهن ته سمورين تنقيدن جو مرڪز به اهوئي بڻجي پيو آهي.

جنهن ڪري مريم نواز رڙيون ڪري چئي رهي آهي ته حڪومت مان نڪري اچو. مريم جي اها ڳالهه شايد انهن بند ڪمرن وارن اجلاسن ۾ نه ٻڌي وئي جيڪي لنڊن ۾ ٿيا ۽ هڪ نئون چارٽر آف ڊيموڪريسي تيار ٿي رهيو هو. هاڻي جيئن جيئن حالتون بدلجي رهيون آهن تيئن تيئن سياسي غيريقيني واري صورتحال پيدا ٿي رهي آهي. وزيراعظم سڀاڻي يا ٻئي ڏينهن قوم کي خطاب ڪرڻ وارو آهي ڏسجي ته سندس اعلان ڪهڙا ٿا اچن. پر اها ڳالهه واضح ٿي سامهون آئي آهي ته طاقتور اسٽيبلشمينٽ  هاڻوڪي حڪومتي سيٽ اپ کي ايترا اختيار ڏيڻ نٿي چاهي ته اهي نيب قانون ۾ ترميم ڪن يا اليڪشن سڌارا آڻي پنهنجي مرضي سان فيصلا ڪن. تنهن ڪري ئي پيپلزپارٽي جي خورشيد شاهه چيو آهي ته جيڪڏهن هٿ ٻڌي فيصلا وٺڻا اٿن ته اسان حڪومت اڄ ئي ڇڏيون ٿا ٻيو ڪو اچي سنڀالي. ڏسجي ته ان غيريقيني صورتحال ۾ آصف زرداري ،شهباز شريف ۽ مولانا فضل الرحمان جو فارمولو ڪيترو ڪارگر ٿئي ٿو.سندن اقتدار کي هڪ ڏيڍ سال ملي ٿو وڃي يا هن نئين سياسي شادي جي تڪڙي طلاق ٿي وڃي ٿي.