اختيارن جي گوءِ کٽڻ کان ادارن کي بربادي کان بچائڻ بهتر آھي

0
151
افغانستان جي ازلي عداوت، دهشتگردي ۽ پاڪستان جي خوش فهمي

  چوڻي آھي ته اٺ تڏهن ٿي رڙيا جڏهن ٻوراپئي سبيا. سو سڀني سڄاڻ ڌرين ۽ سياسي مبصرن ان وقت جي مخالف ڌر ۽ هاڻي جي نالي ماتر حڪومت کي رڙيون ۽ واڪا ڪري خبردار پئي ڪيو ته خراب حڪمراني، برباد معيشت ۽ پيڙھيل عوام جي عذابن جي خالق عمراني حڪومت جا اڻ ڳڻيا گناھه پنهنجي ڳچي ۾ ڇو ٿا وجهو؟ پر سندن به ڏوھه ڪونه هو ڇو ته سالن تائين “ جمهوريت جي نالي ۾ خيرات” وانگر مليل محدود اختيار وٺڻ لاءِ به الاھي اڳواٽ جا انتظام ڪرڻ  ضروري ھئا جن ۾ اليڪشن بابت  EVM   جو استعمال ۽ سمنڊ پار پاڪستانين جي ووٽنگ بابت ڪيل هڪ طرفي قانون سازي کي درست ڪرڻ ۽ نومبر واري اهم مقرري کي موجود خدشن مطابق ٿيڻ کان بچڻ جا جتن ڪرڻ به شامل هو ته نيب جي ڪارستانين واري قانون کي بهتر ڪرڻ به ضروري سمجهيو ويو سو نيٺ زهر جو ڍڪ ڀرڻو پيو. اهو زهر ھاڻي زهرِ قاتل بڻجي سڀني جي سياسي موت جو سبب بنجندي نظر اچي پيو.

پاڪستاني سياست ۾ تبديلي جي موسم جا آثار ڏسي اڳڪٿي ڪندڙ تجزيه ڪار، مبصر ۽ مفڪر جڏهن فهم مطابق ڪو تجزيو پيش ڪري رهيا هوندا آھن سندن سامهون انساني تاريخ مان حاصل ڪيل تجربي سان گڏ منطق مطابق نتيجي ڪڍڻ جو ڏانءُ به شامل هوندو آھي، پر سوشل سائنسز جا سڀ اصول هتي اچي بيڪار ان ڪري ٿيندا آھن ته هن سماج ۽ سياست کي متاثر ڪرڻ واري طاقت نه ته جمهور وٽ رهي آھي نه چونڊيل عوامي نمائندي وٽ بلڪه اصل اقتداري ڌر ۽ ان جي ساٿاري ادارن وٽ ھوندي آھي. ان ڪري اسان جي سياسي موسم جي بدلجڻ جو اظھار گرمي ۽ بهار جي موسمي روين وانگر انهن هنڌن تان جڏهن تبديلي ٿيندي نظر ايندي آھي ته پوءِ اشارن مان پتو پوڻ لڳندو آھي. ھن دفعي چڱي ڳالھه اها ٿي ته آءِ ايس پي آر هڪ کان وڌيڪ دفعا پاڪ فوج جي غير جانبداري جو اعلان به ڪيو ته عمل به نظر آيو پر تجزيا ڪار سمجهن ٿا ته اداري جي سوچ جي برخلاف ڪنهن حد تائين عمران خان لاءِ حمايت جو سلسلو اڃا تائين جاري آھي.

عدم اعتماد جو رٿ پيش ٿيڻ کان ڪجھه ھفتا يا مهينا اڳ ايئن پئي لڳو ته سياسي موسم پي ڊي ايم ۽ اتحادي جماعتن جي حق ۾ بدلجي پئي، نتيجي ۾  75  سالن ۾ پهريون دفعو ڪنهن حڪومتِ وقت خلاف بي اعتمادي جي رٿ ڪامياب ٿي. اهي ڏينهن ۽ اڄوڪي گهڙي، ڪوڙ ، بدزباني، بد اخلاقي ۽ مقدس سمجهيل ادارن ۽ شخصيتن بابت اشارن ڪرڻ کان پوءِ نالا کڻي جديد ۽ طاقتور سوشل ميڊيا توڙي جلسن تقريرن ۾ ۽ هر وقت اليڪٽرانڪ ميڊيا تي موجود رهي جيڪو لهجو ۽ زبان استعمال ٿي اها تعدي ڪرڻ جي اڄ تائين ڪنهن کي به جرئت نه ٿي. ڀلا جيڪڏهن ڪنهن “گستاخ” کان ڪا ڊان ليڪ يا اينٽ سي اينٽ بجاني جهڙي غلطي ٿي به هئي ته پوءِ اڄ تائين ڪندا به ياد هوندا. انهي مهم ۾ آمريڪا ۽ يورپ سوڌو سڀني کي سازشي ڪردار قرار ڏئي سياست، سفارت ۽ تجارت سڀني کي سوليءَ تي چاڙھيندڙ خان صاحب کان ڪنهن نه پڇيو. ان جي جاءِ تي ڪو خود نستو يا ڪمزورڊوميسائيل رکندڙ شخص هجي ها  ته عدالت سڳوري به انصاف ڪري ضمانت ئي منظور نه ڪري ها. انهن ئي ڪارڻن ڪري جن ويچارن مبصرن  جا هن ملڪ جي سياست بابت ڪيل سڀ تبصرا ۽ تجزيه گهڻو ڪري غلط ثابت ٿيندا رهيا آھن ته اهو سندن قصور ڪونهي.

ان هوندي به اهي وري وري دانشوري ڪرڻ کان نٿا مڙن ۽ چون ٿا ته خانصاحب جي جارحاڻي ۽ بي لغام مهم، رات ڏينهن جي نسوري ڪوڙي پروپئگنڊا مهم يا طاقتور حلقن ۾ اڳ کان  موجود اثر رکندڙن جي حمايت سبب سڀ هڪ ٿي، سگهاريون ڌريون صرف چئن هفتن کان پوءِ شھباز شريف جي بي عمل ، هيسيل ۽ گهيري ۾ آيل حڪومت جي تڏا ويڙھه لاءِ تيار ٿي ويون آھن. سڀني سڄاڻ حلقن جو خيال آھي ته ھميشه اڻ ڏٺل يا ايئن سمجهيل ڌريون هاڻي نه صرف حد کان وڌيڪ وائکيون ٿي ويون آھن پر حقيقي طرح دٻاءَ ۾ اچي پاسا مٽائڻ لڳيون آھن. اڳ ۾ “ ويچاري سياسي ۽ صحافتي مخلوق” جيڪا ڳالھه ڳجهارت ۾ ڪندي هئي، ساڳي ڳالھه شيخ رشيد تسلسل سان ٽي وي اسڪرين تي چوندو ئي رهي ٿو. ڪير به نه روڪيس ٿو نه ئي ڪو ادارتي پريس رليز جاري ٿئي ٿو ته پوءِ پڪ ٿيو وڃي ته رڌڻي ۾ رولو ڪيترو آھي ۽ ڪهڙي کچڻي پچڻ تي آھي. اها به ڪا جمهوري ۽ آئيني نظام جي اخلاقيات ۽ آئين جي پاسداري چئبي ته “ناله لئِي” جو سينيئر سياستدان دهرائيندو وتي ته 31  مئي تائين نگران حڪومت ٺھي ويندي جنهن لاءِ اقتصادي ماهرن جا انٽرويو واسطيدار مقام تي جاري آھن. عبوري حڪومت جوڙڻ جو طريقه ڪار آئين ۽ قانون ۾ ڏنل آھي جنهن ۾ شيخ صاحب واري روٽ جو ذڪر ئي ناهي. ان جي باوجود سياسي شجرو بيان ڪرڻ کان پوءِ سندس هر بيان ڪافي سچو لڳندو آھي.

ڪپتان ته انهن ادارن خلاف زهر اوڳاڇي رهيو آھي جن جا مٿس لکين ٿورا آھن. ڪنهن اقتدار بخشيو ته ڪنهن رات ڏينهن غلط بياني ڪندڙ رانديگر کي صادق، امين ۽ مدبر سياستدان جي مرتبي تي پهچائي ڇڏيو. عام شھري، صدر مملڪت، عدليه جي معزز جج صاحبان، اليڪشن ڪميشن، گورنرن، اسپيڪر ۽ دفاعي عهديدارن ۽ سندن بيان ڪيل غير سياسي ۽ آئيني اعليٰ منصب داري سبب بنا ڪنهن فرق جي سڄي قوم  قانوني،   آئيني ۽ سلامتي  جي حقن جا محافظ ھئڻ جي احساس سبب کين فطري احترام لائق هستيون سمجهندي آئي آھي، پر افسوس جو ڪافي سالن کان ڪمزور سياست ۽ ناڪام سياسي ادارن جي ڪجھه نا اهلي ۽ ڪجھه وڌندڙ مظلوميت سبب سياست انهن مقدس ادارن جي ھٿ وس ٿيڻ لڳي آھي. ان هوندي به شرافت ۽ شرم و حياءَ جي ڏينهن واري سياسي دؤرن ۾ نه ته ڪڏهن سياستدانن ايترو کلي بد تهذيبي ڪئي جيترو امر باالمعروف جو درس ڏيندڙ، پاڻ کي دائمي وزارت عظميٰ جي عهدي لائق سمجهندڙ “واحد” اڳواڻ هٿ جي اشارن سان سابق صدر جي صورت جو خاڪو ٺاهي گاريون ڏيندي ڪري ٿو يا موجوده وزير اعظم لاءِ غليظ لقبن جو استعمال ڪري ٿو ۽ ئي نه عام عوام ڪڏهن اهو ڪم ڪيو جيڪو يوٿيا اڄ ڪن پيا.

جڏھن کان ھڪ آئيني عمل  يعني بي اعتمادي جي رٿ ذريعي پي ٽي آءِ جي حڪومت ھٽائي ويئي آھي تڏهن کان ان گار گند برگيڊ سڀ حدون ۽ حجاب ختم ڪري ڇڏيا آھن. عمران خان ته ٿيو “لاڏلو” پر صدر مملڪت جيڪو آئيني طور تي برطانوي بادشاھه/راڻي مثل علامتي ڪردار جو حامل عهدو آھي جنهن کي برطانيه ۾ ته مرضي سان شادي ڪرڻ جو به اختيار ڪونهي، اهڙو صدر مملڪت هونئن ته قوم جو بابو سمجهڻ گھرجي، پر افسوس جو اها عظيم هستي صرف پي ٽي وي حملي ڪيس جي سابق ڪارڪن وانگر سڄي ملڪ جي آئيني نظام کي مفلوج ڪريو ويٺي آھي. وزير اعظم جي لازمي مشوري تي گورنر مقرر نٿا ٿين، ھٽن نٿا، ڪابينه کان حلف نٿو کڻائجي. ساڳيو ڪم ٻن هفتن جي ٻار گورنر پنجاب ۾ ڪيو آھي. قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي اسپيڪر ۽ قوم اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر  جي غير آئيني عملن ۽ سڀني سياسي بي راھه روين جا ڪيس گهمي ڦري اعليٰ عدليه اڳيان اچن ٿا نتيجي ۾ ڦاسي جي سزا وارين اپيلن جهڙا ڪيس رولڙي جو شڪار آھن ۽ عدالتون سڄو ڏينهن اڻ کٽندڙ سياسي جھڳڙن کي سلجهائيندي سلجهائيندي وڌيڪ الجهائينديون وڃن.

آئين جي آرٽيڪل 63  اي جي واضح شق جي صدارتي ريفرنس ۾ جيڪا تشريح ڪئي ويئي آھي ان کي تشريح کان وڌيڪ اضافي مونجهارو به قرار ڏنو پيو وڃي ۽ ان کي آئين ٻيهر لکڻ سان ڀيٽا ڏيندي اهو به چيو پيو وڃي ته يا ته نظريه ضرورت وري نئون جنم ورتو آھي يا اخلاقيات جو سبق پڙھايو پيو وڃي  يا وري اسيمبلي ٽوڙڻ واري عمل خلاف ڏنل فيصلي جي Balancing act  طور راءِ ڏني ويئي آھي ته تنقيد جو رخ تبديل ٿئي، جيڪو ٿيو به آھي. اهو احساس ته عرصي کان موجود آھي ته اسان جا رياستي ادارا پنهنجي ذمي لڳل ڪمن کان وڌيڪ ٻين ڪمن ۽ خاص ڪري ايگزيڪٽوِ اختيارن ۾ مداخلت تي وڌيڪ توجھه ڏيندا آھن. ان سلسلي ۾ جسٽس افتخار چوڌري کان پوءِ دال پٽاٽي جي قيمتن تي جيڪو سؤ موٽو نوٽيس جو سلسلو شروع ٿيو اهو هاڻي معمول جي انتظامي مقررين کي نوٽيس ۾ آڻيو ڇڏي. هر گذرندڙ ڏينهن سان سياست ۽ سياسي حڪمران ڪمزور ٿيندو پيو وڃي ڇو ته رياستي عمل ۾ شريڪ صرف سياسي مخلوق ئي آھي جنهن جو هر ڪو احتساب ڪرڻ لاءِ ڪات ڪهاڙا کڻيو گهمي باقي سڀ مقدس ادارا پنهنجو احتساب پاڻ ڪندا آھن.

ھن وقت ملڪ صرف سياسي بحران ۽ عام ڇڙواڳي جو شڪار ڪونهي پر ملڪ جي مالي ۽ معاشي حالت سري لنڪا کان ڪو مهينو ٻه مهينا پٺيان پٺيان هلي رهي آھي ڊالر ڊبل سينچري پار ڪري ويو، رڳو هن سال دوران ڊالر 43 روپين کان وڌيڪ ۽ هن حڪومت جي مهيني کن ۾ 16  روپين کان وڌيڪ مهانگو ٿيو آھي. آءِ ايم ايف سان عمراني حڪومت جي منجهايل قرض پروگرام جو جلد کان جلد بحال ٿيڻ اقتصادي زندگي ۽ موت جو سوال آھي. تيل جون قيمتون روس، يوڪرين جنگ کان پوءِ سڄي دنيا ۾ چوٽ چڙھيل آھن جن کي اسان رڳو آءِ ايم ايف جو شرط سمجهي ويٺا آھيون. خان صاحب کي جڏهن عدم اعتماد جي اچڻ جي پڪ ٿي ته حاتم طائي کي مات ڏيڻ لاءِ فيبروري ۾ ئي واعدو ڪيل تيل جي قيمتن تي ڇوٽ کي مرحيلوار واپس وٺڻ واري عالمي مالياتي  اداري سان  ڪيل معاهدي جي ابتڙ جون مهيني تائين قيمتونFreeze  ڪري ممڪنه  ايندڙ حڪومت لاءِ ٽائيم ڊوائيس فٽ ڪري هليو ويو.

سڄي راڄ تي ٻڌل مخلوط حڪومت ڪجھه عمران ۽ ڪجھه عوامي رد عمل جي خوف ۽ ڪجھه ڪمزور فيصلا سازي سبب قيمتن ۾ واڌ نه ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ اها رقم هاڻي اربين رپين جي حساب سان روزاني بنياد تي وڌي ناقابل برداشت حد کي پهچي ويئي آھي. ھي 22 ڪروڙ ( آصف زرداري مطابق30  ڪروڙ) آبادي واري ايٽمي ۽ زرعي طاقت اڄ ان حال کي اچي پهتي آھي ته لکين ٽن ڪڻڪ ٻاهران گهرائڻ جا ٽينڊر به ٿي چڪا آھن، ايندڙ مهيني بجيٽ اچڻي آھي ۽ چار هفتا پراڻي حڪومت کي هٽائڻ لاءِ لڳي ٿو “مل معشوقان مصلحت ڪيتي عاشق قتل ڪريسون” واري ڪار ڪندي مشڪل فيصلا به کانئن ڪرائڻا آھن، ٻين جي گناھن جو طوق به ڳچي ۾ وجهڻو آھي ۽ پسٽل لوندڙي تي رکي خواهش به خان جي پوري ڪرائڻي آھي.

ان صورتحال ۾ قومي مفاد جي بي پناھه تقاضائن باوجود ملڪ جي 70 سيڪڙو نمائندگي ڪندڙ پارٽيون ڏسندي وائسندي خودڪشي ڇو ڪن سا به ٻين جي شرطن تي!؟ ان ڪري جيڪو ڪري سو وڃي ڀري، قومي مفاد جي ٺيڪيداري رڳو هي نيب زده “ندورا” ٻار ڇو ڪن؟ هن نيوڪليئر اسٽيٽ جي اصل اثاثن،.جيو اسٽريٽيجڪ حالتن، روز روز جي دهشت گرد ڪاررواين، طالبان جي اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ ٽي ٽي پي جي لاڳيتين خطرناڪ وارداتن جي وايو منڊل هوندي ، ملڪي سياست ۽ عوامي سطح تي عمراني سياست جون پيدا ڪيل نفرتون  سڄي قوم لاءِ ڪو سٺو سنؤڻ ناهن. ملڪ جي سلامتي ۽ قومي بقا جي ذميواري رڳو فوج جي نه پر عدليه ،پارليامينٽ، سياسي پارٽين ۽ هر شھري جي برابر برابر آھي. اهڙين حالتن ۾ ھر روز نئون افواھه ، نئين سازش، الجهيل فيصلن جون خبرون جڏهن لا تعداد چينلن تي لائيو هلنديون هجن ته پوءِ وايون سڀ ڪنهن جون بتال ٿيڻ گھرجن. بتال ته خير سڀ ڪو نظر اچي ٿو. ان هوندي به ڪجھه ذاتي محدود مفادن ۽ برتري جي گوءِ کٽڻ کان ، بکي عوام ۽ ڌرتي کي بربادي کان بچائڻ بهتر عمل ھوندو. چوندا آھن برو وقت پڇي نه ايندو آھي پر برائي اسان کان الاهي دفعا پڇا ڪري چڪي آھي،ھاڻي اسٽيڪ هولڊرس جو فرض آھي ته بري وقت کي هن دفعي اچڻ کان هميشه منع ڪري ڇڏين.

[email protected]