اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ ٻارن جو امپورٽڊ کير، پيڪٽ ۾ بند گوشت، مڇي، مرغي ۽ ٻيون شيون مهانگيون ڪرڻ جون تياريون ڪيون پيون وڃن، ذريعن مطابق ٻارن جي امپورٽڊ پيڪٽ ۾ بند کير تي سيلز ٽيڪس 12 سيڪڙو مان وڌائي 18 سيڪڙو ڪرڻ جي امڪان آهي، پيڪٽ ۾ بند گوشت ۽ مڇي تي پڻ سيلز ٽيڪس 18 سيڪڙو ڪرڻ جون تياريون ڪيون پيون وڃن، ذريعن مطابق پيڪٽ ۾بند مرغي ۽ ٻين شين تي به سيلز 18 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي ويندي، ذريعن جو چوڻ آهي ته فيبروري جي مني بجيٽ ۾ اضافي سيلز ٽيڪس جي شرح وفاقي بجيٽ ۾ به برقرار رکڻ جي تجويز آهي، سيلز ٽيڪس جي نائنٿ شيڊيول جي ڪيٽيگري اي ۽ ايف تي سيلز ٽيڪس 18 سيڪڙو برقرار رکڻ جي تجويز جي تياري ڪئي وئي آهي، روز مرهه جي استعمال جي شين تي سيلز ٽيڪس 18 سيڪڙو برقرار رکڻ  جو امڪان آهي، فيبروري 2023ع ۾ روز مرهه جي استعمال جي شين تي سيلز ٽيڪس 17 سيڪڙو مان وڌائي 18 سيڪڙو ڪئي وئي هئي، جڏهن ته ذريعن مطابق چانهه، کنڊ، جيم، جيلي، صابڻ،  ٿانون ڌوئڻ واري ليڪوڊ، ڪپڙا ڌوئڻ واري پائوڊر، ٽوٿ پيسٽ، ٽوٿ برش، مائوٿ فريشنر، پيڪٽ ۾ بند مصالحن، گوشت ڳارڻ واري پائوڊر، چانهه جي پتي ۽  قهوه تي سيلز ٽيڪس 18 سيڪڙو برقرار رهندي.