اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ناڻي جي وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار چيو آهي ته ملڪي معيشت ڏکيائين جو شڪار آهي، پر بهتري جي اميد آهي، ڪجهه ماڻهن کي ملڪ جي ڏيوالي ٿيڻ جو شوق آهي پر ائين نه ٿيندو، جيڪي ماڻهو ملڪ جي ڏيوالي ٿيڻ جون تاريخون ڏئي رهيا آهن، کين شرم اچڻ گهرجي، واپاري طبقي جي جائز مطالبن کي نه رڳو تسليم ڪنداسين پر سهولتون پڻ ڏنيون وينديون، گذريل ڏينهن ڪراچي ايوان صنعت ۽ واپار جي وفد سان ملاقات بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ناڻي وزير چيو ته ملڪ ڏکي اقتصادي صورتحال ۽ چيلنجن کي منهن ڏئي رهيو آهي پر سمورن شراڪتدارن جي سهڪار سان انهن مسئلن تي ضابطو آندو ويندو. هن چيو ته 2013ع ۾ پڻ ملڪ کي اهڙين چيلنجن کي منهن ڏيڻو پيو هو ۽ ان وقت پڻ ملڪ جي ڏيوالي ٿيڻ جون ڳالهيون ڪيون پي ويون، پر ان وقت به مسلم ليگ (ن) جي قيادت واپارين ۽ صنعتڪارن سميت شراڪتدارن جي سهڪار سان چيلنجن تي ضابطو آندو ۽ پاڪستان جي معيشت دنيا جي 24 هين وڏي معيشت بڻجي وئي، ملڪ جي معاشي صورتحال بهتري جي عڪاسي ڪري رهي هئي جنهن کي بدقسمتي سان گذريل ساڍن چئن سالن ۾ 47 هين معيشت بڻايو ويو. ناڻي واري وزير چيو ته پاڪستان ڏيوالو نه ٿيندو، جيڪو نقصان ٿيڻو هو اهو ٿي چڪو، هاڻ حالتون بهتري ڏانهن وڌنديون.هن چيو ته  پاڪستان پنهنجن سمورين پرڏيهي ادائگن کي يقيني بڻايو آهي ۽ ڪنهن قسم جي ادائگي ۾ ڪا به دير ناهي ڪئي وئي. هن چيو ته پاڪستان هڪ خودمختيار آهي، جيڪڏهن اسان تي قرض آهي ته اسان جا هڪ ٽريلن ڊالر کان وڌيڪ اثاثه آهن. هن چيو ته بجيٽ ۾ ڪوشش آهي ته عوام کي وڌ کان وڌ رليف فراهم ڪيو وڃي، قيمتن ۾ استحڪام لاءِ ڪم ٿي رهيو آهي، اسحاق ڊار چيو ته ملڪ ۾ سياسي عدم استحڪام سان معيشت ڪمزور ٿيندي آهي. آءِ ايم ايف پروگرام ۾ دير سبب ڏکيائيون ٿينديون. گذريل حڪومت آءِ ايم ايف سان ڪيل واعدن کي ٽوڙيو جنهن سبب پاڪستان لاءِ ڏکيائيون پيدا ٿيون. اسان ڏکيا پر دليراڻه فيصلا ڪيا، اسان لاءِ ملڪ ۽ رياست اهم آهن. هن چيو ته ملڪي معيشت ۾ بهتري لاءِ بجيٽ کان پوءِ پڻ قدمن جو سلسلو جاري رهندو. پاڪستان بزنس ڪائونسل ۽ اوورسيز چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريز جي وفد سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي ناڻي واري وزير چيو ته مان الله پاڪ مان اميد رکان ٿو ته اسان هن ڏکئي مرحلي مان به نڪري وينداسين، اسان معاشي زوال کي روڪيو آهي ۽ هاڻي معيشت کي استحڪام جي رستي تي آڻي رهيا آهيون، اسان ڏکيا فيصلا ڪيا، جن جي اسان سياسي قيمت به ادا ڪئي.