بابر اعظم هراسيمينٽ ڪيس: ڌرين کان 7 جون تي دليل طلب

0
434

لاهور(اسپورٽس نيوز) لاهور هاءِ ڪورٽ قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم جي درخواست تي ٻڌڻي ڪندي ڌرين کي7 جوان تائين دليل طلب ڪري ورتا آهن. جسٽس محمد وحيد خان بابر اعظم جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان پاڻ خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي استدعا ڪئي، بابر اعظم سيشن ڪورٽ جي ڪيس داخل ڪرڻ واري حڪم کي چيلينج ڪيو هو. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته سيشن ڪورٽ موقف ٻڌڻ بنا ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت ڌرين کي 7 جون تي دليل ڏيڻ جو حڪم ڏيندي ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.