شعيب اختر فهد مصطفيٰ کي چيلينج ڏئي ڇڏيو

0
268

ڪراچي (اسپورٽس ڊيسڪ) راولپنڊي ايڪسپرسي شعيب اختر پاڪستان جي مشهور اداڪار ، پروڊيوسر ۽ ميزبان فهد مصطفيٰ کي سرعام چيلينج ڏئي ڇڏيو. فهد مصطفيٰ طرفان جاري ڪيل ٽوئٽر تي هڪ وڊيو جاري ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ هو نيٽ پريڪٽس ڪري رهيو آهي. وڊيو تي شعيب اختر تصبرو ڪيو ته “فهد اوهان غلط پيشو اختيار ڪري ورتو آهي”، اچو ۽پاڪستان لاءِ کيڏون، پر پهرين نيٽ ۾ منهنجو مقابلو ڪيو. شعيب اختر چيلينج ڪندي پڇيو ته فهد ڇا اوهان تيار آهيو؟. وڊيو تي اڳوڻي ڪپتان شعيب اختر رد عمل ظاهر ڪيو ۽ فهد کي داد ڏيندي چيو ته، ڀاءُ زبردست،اوهان به ابوظهبي اچو.