اسلام آباد (م د) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته آرمي چيف ۽ اسٽيبلشمينٽ سميت سڀني ڌرين سان ڳالهين لاءِ تيار آهيان پر هتي ڪو سامهون ڳالهين لاءِ ميسر ناهي. تاڙي هڪ هٿ سان ناهي وڄندي. پرڏيهي ميڊيا کي انٽرويو ڏيندي عمران خان چيو ته منهنجي پٽن کي منهنجي حوالي سان ڳڻتي آهي، کين منهنجي قتل ٿيڻ ۽ جيل وڃڻ جو خدشو آهي. کين پيغام ڏئي ڇڏيو آهي ته پريشان نه ٿين. پارٽي اڳواڻن پاران پي ٽي آءِ ڇڏڻ بابت به عمران خان جو رد عمل آيو آهي، اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيشي جي موقعي تي صحافي عمران خان کان سوال ڪيو ته توهان جي جماعت مان مسرت چيما ۽ جمشيد چيما پارٽي ڇڏي رهيا آهن، جنهن تي تحريڪ انصاف چيئرمين چيو ته اهي پارٽي نه پيا ڇڏين، انهن کان زبردستي ڇڏرائي پئي وڃي. هڪ سوال جي جواب ۾ عمران خان چيو ته مون کي پنهنجي پارٽي جي عورتن جي گرفتاري جو سڀ کان وڌيڪ ڏک آهي. هن چيو ته آرمي چيف ۽ اسٽيبلشمينٽ سوڌو ڪنهن سان به ڳالهين لاءِ تيار آهيان، پر تاڙي هڪ هٿ سان نه وڄندي آهي، خدشو آهي ته هتي ڳالهائڻ وارو ڪير آهي ئي نه، عمران خان چيو آهي ته سياستدان هر وقت ڪنهن سان به ڳالهين لاءِ تيار هوندو آهي، حڪمران چون ٿا ڪجهه به ٿئي پي ٽي آءِ کي ختم ڪريو، اختلافن کي بندوق نه، پر ڳالهين وسيلي حل ڪيو ويندو آهي، منهنجي ٻيهر گرفتاري جا 80 سيڪڙو امڪان آهن، هن چيو ته منهنجي پُٽن کي منهنجو فڪر آهي، کين ڊپ آهي ته مون کي جيل ۾ وجهڻ سان گڏ قتل ڪيو ويندو. هن چيو ته جبري شادين جو به ٻڌو هو، پر جبري عليحدگين جو نئون رجحان پيدا ڪيو ويو آهي، پنهنجي ٽوئيٽ بيان ۾ عمران خان چيو آهي ته جبري شادين جي باري ۾ ته ٻڌو هو، پر پي ٽي آءِ لاءِ جبري عليحدگين جو نئون رجحان متعارف ڪرايو ويو آهي،  ماڻهن کان پارٽي ڇڏرائي سان پارٽيون ختم ناهن ٿينديون پارٽيون ايئن ختم ٿينديون آهن جيئن پي ڊي ايم ختم ٿي رهي آهي پي ڊي ايم جو ووٽ بينڪ ختم ٿي رهيو آهي، صحافي سوال ڪيو ته ڇا سدائين رڳو سياستدان ئي پيشيون ڀوڳيندا رهندا ٻيا نه؟ جنهن تي عمران خان چيو ته اهو وقت گهڻو پري ناهي. هن چيو ته اسان جا ڏهه هزار ڪارڪن جيلن ۾ آهن، عدالتن مان انصاف جي اميد آهي پر عدالتن جا حڪم نه پيا مڃيا وڃن.