اسلام آباد (بيورو رپورٽ) تحريڪ انصاف پنجاب اليڪشن نظرثاني ڪيس ۾ جواب سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو، تحريڪ انصاف اليڪشن ڪميشن جي نظرثاني واري درخواست رد ڪرڻ جي استدعا ڪئي آهي، تحريڪ انصاف پنهنجي جواب ۾ چيو آهي ته نظرثاني اپيل ۾ اليڪشن ڪميشن  نوان نقطا اٿاريا آهن جڏهن ته نظرثاني اپيل ۾ نوان نقطا نٿا اٿاري سگهجن. پي ٽي آءِ جواب ۾ چيو ته اليڪشن ڪميشن چاهي ٿي ته سپريم ڪورٽ نظريه ضرورت کي زنده ڪري، جواب ۾ چيو ويو ته اليڪشن ڪميشن جي چوڻ تي سپريم ڪورٽ آئين ۾ ترميم نٿي ڪري سگهي، 90ڏينهن ۾ چونڊ آئيني تقاضا آهي، آئين ۾ ناهي لکيل ته چونڊون گڏ ٿينديون.