ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي سپر اسٽار اڪشي ڪمار مشهور رئيلٽي شو “سپر اسٽار سنگر 2” دوران پنهنجي ڀيڻ الڪا ڀاٽيا جو پيغام ٻڌي روئي ويٺو. اڪشي ڪمار  اڄڪلهه پنهنجي ايندڙ فلم ۾“رکشا بنڌن” جي پروموشن ۾ مصروف آهي ۽ ان سلسلي ۾ هن ڀارت جي اُڀرندڙ راڳين جي پروگرام سپر اسٽار سنگر ٽو ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي، جتي پروگرام دوران کيس ڀيڻ الڪا ڀاٽيا جو سرپرائز آڊيو پيغام ٻڌايو ويو. چئنل جي انسٽاگرام اڪائونٽ تي اها ڪلپ پڻ شيئر ڪئي وئي آهي جنهن ۾ اڪشي ڪمار پنهنجي ڀيڻ جو پيغام ٻڌندي اکين ۾ لڙڪ آڻي ويٺو. ويڊيو ۾ اڪشي ڪمار جي ڀيڻ پنهنجي آڊيو پيغام ۾ چئي رهي آهي ته سٺو وقت هجي يا خراب، تون سدائين مون سان گڏ بيٺو رهيو آهين، هڪ ڀاءُ سان گڏ، پيءُ ۽ دوست جو رشتو پڻ نڀايو آهي ان  لاءِ ٿورائتي آهيان. اهو آڊيو پيغام ٻڌڻ بعد جذباتي ٿيندڙ اڪشي ڪمار ٻڌايو ته اسان هڪ ننڍڙي گهر ۾ رهندا هئاسين، پر ڀيڻ جي اچڻ کانپوءِ اسان جي زندگي بدلجي وئي، دنيا ۾ هڪ ڀيڻ جي رشتي کان وڏو ٻيو ڪو به رشتو ناهي.