ڪنري (رپورٽ: انيل ڪمار مڪواڻا) ڪنري ڀرسان پسند جي شادي ڪندڙ نوجوان جي ڀاءُ کي هٿياربندن گوليون هڻي بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو، ان ڏس ۾ ڳوٺ سرمست خان رند وٽ ٻن موٽرسائيڪلن تي سوار ھٿياربندن حملو ڪري ڳوٺ ميوو خان کوسو واسي 24 ورھين جي نوجوان عمير حسين ولد علي حيدر راجپوت کي پسٽل جون گوليون ھڻي قتل ڪيو. اطلاع تي وارثن واقعي واري ھنڌ پھچي نوجوان کي کڻائي تعلقي اسپتال منتقل ڪيو. جتي نوجوان دم ڏئي ڇڏيو، ٻي طرف اطلاع تي ڊي ايس پي ڪنري غلام مصطفيٰ ڪاڇيلو، پوليس جي نفري ساڻ ڪري پهتو، ان موقعي تي مقتول نوجوان جي وارثن جبار راجپوت، حمزا علي ۽ ٻين الزام لڳائيندي ٻڌايو ته مقتول عمير جي ننڍي ڀاءُ راشد راجپوت 5 ڏينھن اڳ برادري جي ناري سان پسند جي شادي ڪئي هئي،  جنھن بعد جوڙو گذريل ڏينھن عمرڪوٽ جي عدالت ۾ بيان ڏئي واپسي گھر پھتا ۽ مقتول نوجوان سندس ماءُ سان گڏ گھر ويو پئي ته ناري جي ڀائرن موٽرسائيڪل تي سوار ٿي نوجوان عمير تي حملو ڪري کيس گوليون ھڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا،  ٻي طرف آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪوبه ڪيس داخل نه ٿي سگھيو.